ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب وومينز نيشنل ون ڊي ڪپ ملتوي ڪيو ويو آهي.
سومر جي صبح ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ باهه لڳي ويئي هئي جنهن تي هاڻي ظابطو آندو ويو آهي.
ذريعن موجب، وومينز نيشنل ون ڊي ڪپ ۾ حصو وٺندڙ سمورين ٽيمن کي ان ئي هوٽل ۾ ترسايو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وومينز ڪرڪيٽرز جي حفاظت ۽ صحت کي نظر ۾ رکندي نيشنل ون ڊي ڪپ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب، ڪراچي جي ڪنهن ٻئي هوٽل ۾ هڪ ئي وقت ايترا ڪمرا دستياب نه هئا، تنهنڪري وومينز پليئرز کي گهر وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي پي سي بي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سومر جي صبح مقامي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب ڪنهن پليئر کي نقصان ناهي ٿيو، باهه لڳڻ وقت چار ٽيمون ميچز ۽ هڪ ٽيم پريڪٽس ۾ رڌل هئي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ ٽورنامينٽ مختصر ڪئي وئي آهي، ٽورنامنيٽ ۾ باقي بچيل رائونڊ ميچون نه ٿينديون.
پي سي بي موجب، شروعاتي چار، چار ميچن کانپوءِ ٻه ٽاپ ٽيمون انونسيبل ۽ اسٽارز فائنل کيڏنديون، فائنل جي تاريخ ۽ وينيو جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.
Next Post
You might also like