”خانداني تڪرار ۾ سڀ ڪجهه کسجي ويو، ننڍپڻ گودام ۾ گذريو“ وڪرانت ميسيءَ جا انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ اسٽار ڪڊز يعني وڏن ادڪارن جا ٻار ته ننڍپڻ کان ئي شاهاڻي زندگي گذاري رهيا هوندا پر ڪجهه اهڙا به اداڪار آهن جيڪي انتهائي مفلسيءَ واري زندگي گهاري ڪاميابيءَ جي منزل تي رسندا آهن.
ڀارت جي ڏورانهين ۽ ننڍڙن علائقن مان ممبئيءَ جو سفر طئي ڪندي بالي ووڊ ۾ اداڪاريءَ جا خواب ڏسندڙ غريب گهراڻن سان واسطو رکندڙ انيڪ اداڪار پنهنجون حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي.
ڪجهه فنڪارن کي شهرت ۽ پئسو ٻئي ملي ويندا آهن جڏهن ته گهڻي قدر اداڪار پٺتي رهجي ويندا آهن.
پنهنجي محنت سان بالي ووڊ ۾ سڃاڻپ ٺاهيندڙ اهڙو ئي هڪ اداڪار وڪرانت ميسي آهي جنهن مرزا پور، ٻارهين فيل جهڙي ڪامياب فلمن ۾ جاندار اداڪاري ڪري سڀني جون دليون کٽيون ۽ شهرت جي بلندين تي رسيو.
وڪرانت ميسي جي زندگي به اهڙن ڀارتي نوجوانن جيان جدوجهد ۾ گذري جيڪي نيڻن منجهه اداڪار بڻجڻ جا خواب سمائي ممبئي جو رخ ڪندا آهن، ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويو دوران هن پنهنجي ماضي جي تلخ تجربا شيئر ڪيا آهن.
وڪرانت ميسي ننڍپڻ ۾ پنهنجي والدين جي مالي پريشاني جو ذڪر ڪندي چيو ته زندگي ڪيئي لاهن چاڙهن سان ڀرپور رهي، سکي ستابي زندگي، خانداني تڪرار جي ور چڙهي وئي، سڀ ڪجهه کسجي وڃڻ کانپوءِ والد وٽ گودام ۾ رهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.
اداڪار ماضيءَ جو واقعو ٻڌائيندي چيو ته جڏهن هو ڪمائڻ لڳو ته وٽس پنج هزار رپيا گڏ ٿيا، دوستن سان گڏ گووا گهمڻ جو پروگرام رٿيو ۽ نڪري پياسين.
وڪرانت موجب، هو سڀ هڪ هوٽل ۾ ترسيل هئا، ٽرپ جي آخري ڏينهن جڏهن ڪمرو خالي ڪرڻو هو ته اسان وٽ بل ادا ڪرڻ جيترا پئسا نه هئا، وٽس هڪ موبائيل هئي جيڪا وڪڻي هوٽل بل ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.