هراري(ويب ڊيسڪ) زمبابوي، پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان خلاف 15، 15 رڪني ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ون ڊي اسڪواڊ جي قيادت ارون ڪريگ جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني سڪندر رضا کي سونپي وئي آهي.
پندرنهن رڪني ون ڊي اسڪواڊ ۾ ارون ڪريگ ڪپتان، سڪندر رضا، وليم سين، اڪرم فراز، بينيٽ برائن، گمبي جوءِ لارڊ، گوانڊو ٽريور، ميڊانڊي ڪلائيو، موپاسا ٽائنوٽينڊا، مورماني، مووتا برينڊن، موسيڪيوا تشنگا، مزارباني، ميئرس ڊائون، نگاروا رچرڊ شامل آهن.
پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سڪندر رضا (ڪپتان) اڪرم فراز، بينيٽ برائن، بُرل ريان، گووانڊو ٽريور، ميڊينڊا ڪلائيو، مڌاويري ويزلي، موپاسا ٽائنوٽينڊا، موراماني، مسڪاڊزا ويلنگٽن، مووتا برينڊن، موسيڪيوا تشنگا، مزارباني، ميئرس ڊائون ۽ نگاروا رچرڊ کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي .
پاڪستان ٽيم آسٽريليا مان سڌو زمبابوي لاءِ اُڏام ڀريندي، گرين شرٽس ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 24 نومبر تي بولاوايو ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ون ڊي 26 ۽ ٽِين ۽ آخري ميچ 28 نومبر تي شيڊيول آهي.
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 1 ڊسمبر، ٻي 3 ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 5 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.
You might also like