هٿرادو ذهانت بيمارين جي نشاندهيءَ ۾ ڊاڪٽرن کي مات ڏئي ڇڏي

چيٽ جي پي ٽي اهڙو مصنوعي ( اي آي ) چيٽ بوٽ آهي جنهن جو ڪيترن ئي شعبن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي.
اي آءِ چيٽ بوٽ ڪيترن ئي شعبن ۾ انسانن کان بهتر ثابت ٿيو آهي پر هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته هي بيمارين جي نشاندهي جي حوالي سان به ڊاڪٽرن کان بهتر آهي.
آمريڪا جي بيٿ اسرائيل ڊائيگناسٽڪ ميڊيڪل سينٽر جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته چيٽ جي پي ٽي چئن بيمارين جي نشاندهي ۾ ڊاڪٽرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
ان تحقيق جو بنيادي مقصد اِهو ڏسڻ هو ته اي آءِ چيٽ بوٽس ذريعي ڊاڪٽرن کي بيمارين جي نشاندهي ۾ ڪيتري مدد ملي ٿي.
محققن جو خيال هو ته اي آءِ چيٽ بوٽس ذريعي ڊاڪٽرن کي بيمارين جي نشاندهي ۾ مدد ملندي، پر هو ڄاڻي دنگ رهجي ويا ته اي آءِ چيٽ بوٽ انساني ڊاڪٽرن کان بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو، ڀلي هو ڊاڪٽر پاڻ به چيٽ بوٽ جو استعمال ئي ڇو نه ڪندا هجن.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته اي آءِ چيٽ بوٽ جو بيمارين جي درست نشاندهي جو سراسري اسڪور 90 سيڪڙو هو.
ان مقابلي ۾ چيٽ بوٽ استعمال ڪندڙ ڊاڪٽرن جو سراسري اسڪور 76 سيڪڙو هو.
ٻئي پاسي جن ڊاڪٽرن کي تحقيق ۾ چيٽ بوٽ تائين پهچ نه ڏني وئي، انهن جو سراسري اسڪور 74 سيڪڙو رهيو.
تحقيق ۾ ۾ چيٽ بوٽ جي بهترين ڪارڪردگي کان هٽي ڪري به گهڻو ڪجهه ٻڌايو ويو .
محققن ٻڌايو ته اڪثر ڊاڪٽرن کي پنهنجي نشاندهي تي انڌو اعتماد هوندو آهي، ايستائين جو ڪنهن چيٽ بوٽ طرفان ڪنهن بهتر حل جو اشارو ڏنو ويندو آهي ته هو ان کي رد ڪري ڇڏيندا آهن.
تحقيق موجب، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر پنهنجي ڪم لاءِ اي آءِ ٽولز جو استعمال ڪري رهيا آهن پر انتهائي گهٽ ڊاڪٽر ۾ ان کي درست طريقي سان استعمال ڪرڻ جي صلاحيت آهي.
نتيجي طور هو اي آءِ سسٽمز جي پيچيده تشخيصي مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت کي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا آهن.
نوٽ: هيءَ تحقيق” جاما نيٽورڪ اوپن “ رسالي ۾ شائع ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.