نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ ڪاليج جي شاگردن جي نئين شاگرد سان مذاق کانئس حياتي کسي ورتي.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو گجرات رياست جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پيش آيو، جتي مبينا طور سينيئرن طرفان هڪ شاگرد کي ريگنگ طور 3 ڪلاڪن تائين بيهاريو ويو.
رپورٽ موجب سينيئر شاگردن 18 ورهين جي فرسٽ ايئر شاگرد انيل کي ڪلاڪن تائين بيهاري رکيو، جهن سبب ان جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ کيس اسپتال نيو ويو، جتي انيل ٻڌايو ته کيس 3 ڪلاڪن تائين بيهاريو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب نوجوان شاگرد ڪجهه دير کانپوءِ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شاگرد جي موت جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا ۽ سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو.
پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 15 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
You might also like