ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ۾ عورت نڪاح کان انڪار تي نوجوان کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب عورت جي اڳ ئي شادي ٿيل هئي ۽ هن نڪاح ختم ڪرڻ جو چئي نوجوان کي گهر گهرايو هو.
پوليس ٻڌايو ته نوجوان نڪاح ختم نه ٿيڻ جو ٻڌي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ عورت نوجوان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو.
پوليس موجب عورت جو پنهنجي مڙس سان نڪاح ختم ڪرڻ جو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هو.
پوليس قتل جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
You might also like