گووندا جي طبعيت بگڙجي وئي، اسپتال داخل

بالي ووڊ اداڪار ۽ شو سينا جي اڳواڻ گووندا جي چونڊ ريلي کي خطاب دوران طبعيت بگڙجي وئي جنهن بعد کيس ايئر لفٽ ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، گووندا کي ڇنڇر جي ڏينهن جَلگائون ۾ هڪ ريلي دوران طبعيت بگڙجڻ تي ممبئي جي مقامي اسپتال نيو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شروعاتي طور گووندا هلڪي جسماني تڪليف جي شڪايت ڪئي، پر جلد ئي کيس سيني ۾ سخت سور ۽ ڄنگهن ۾ تڪليف ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڃا تائين گووندا يا سندس خاندان طرفان اداڪار جي صحت بابت ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو جنهن سبب سندس مداح ۽ حامي ڳڻتي ۾ مبتلا آهن.
واضح رهي ته گذريل مهيني گووندا پنهنجي رهائش گاهه تي پنهنجي روالور مان گولي ڇٽڻ سبب زخمي ٿي پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.