چولستان ڪئنال خلاف شهر شهر،وستي، واهڻ احتجاج،وفاق کي ڪمزور نه ڪريو:زين شاهه اياز لطيف

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)”سنڌوءَ تي ڌاڙي“ خلاف  سنڌو درياھ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي،مظاهرا،ريليون،  ڌرڻا، خبر موجب وارھ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي،قومي عوامي تحريڪ،جمعيت علما۽ اسلام،پاڪستان تحريڪ انصاف پاران مولوي محمد صديق منڱڻيجو،اظھر علي اميراڻي،علي اڪبر خاصخيلي،مير مشتاق تونيوجي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،ڪارڪنن ”نامنظور  نامنظور  سنڌو درياهه مان ڪئنال نامنظور“ جا زوردار نعرا لڳايا اڳواڻن چيو ته هاڻ سنڌ جو ٻچو ٻچو سر ڏئي سگھي ٿو درياهه مٿان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏيندو،نوشهروفيروز ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ مهر علي وسطڙو، آصف حسيني، شاهد پٽاڻ، فرمان نول، اين پي پي اڳواڻ معشوق ڪورائي، عمران جتوتي، خوشي محمد مغل پي ٽي آئي اڳواڻ طارق ملڪ، ايس ٽي پي اڳواڻ اسد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته  ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سنڌو درياهه تي 6 ڪينال نه ٺهڻ گهرجن ڇو ته 6 ڪينال ٺهڻ سان سنڌ جي تقريبن 48 کان 50 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي، نوابشاهه ۾ علي اڪبر ڪيريو، احمد حسين جمالي، نور محمد خاصخيلي،گل حسن رند، مير جان مگسي،حافظ زين ڀٽو ،مسرور قريشي، عبدالستار ڏاھري، علي جان رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ميهڙ ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ٻيٽو چوڪ ، گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،غلام مصطفي چانڊيو ، نياز علي ٻرڙو ، سڪندر سوڍر ،وڪيل منور جتوئي ، وڪيل نور جتوئي ،حافظ شفيق الرحمن ٻرڙو ، حافظ منظور چانڊيو، ايوب کوسو ، وڪيل رحيم بخش ٻگھيو،محمد رحيم فاروقي ،نظير جانوري،حاجي خان مارفاڻي ،حبيب حضوري ، عبدالرسول ڪولاچي ، وڪيل مير کوسو، مجيد سوڍر ريلي جي اڳواڻي ڪئي،جيڪب آباد ۾ جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري، ايس يو پي جي مقبول لاشاري، شهيد ڀٽو جي عبدالسميع سومرو، جماعت اسلامي جي ابوبڪر سومرو، جسقم جي محمد وارث جکراڻي، سنڌ دوست ڪميٽي جي انتظار ڇلگري، محمد عالم کوسو، مهراڻ سوشل جي چيئرمين ايڊووڪيٽ عبدالحئي سومرو، جي يو آءِ جي مولانا سليم الله بروهي، شهري اتحاد جي مولانا عبدالجبار رند، فنڪشنل ليگ جي فقير عبدالرسول، اي پي ڊي سي جي محمد شعبان ابڙو، هيومن رائيٽس جي چاڪر جکڙاني سميت امير علي،نذير احمد مينگل، مولانا نصر الله گهنيو، تاج امروٽي ۽ ٻين اڳواڻي۾ پيادل مارچ ڪري  نيشل هاءِ وي ۽ شهر جي اهم ڊي سي چوڪ کان نعريبازي ڪندي پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو ويو،ملير ۾ درياهه بچايو تحريڪ جي اڳواڻ غلام قادري لغاري، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير عبدالقادر شر، ايس يو پي اڳواڻ منظور ابڙو، قومي عوامي تحريڪ جي فرحان لاڙڪ، عوامي جمهوري پارٽي جي ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، منظور علي جانوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ جهڙا منصوبا سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي مٽياري ۾ ايس يو پي اڳواڻ شڪور ناز خاصخيلي، راجا وزير سنگراسي،دوست علي شيخ، جسقم اڳواڻ رشيد ڏيٿو،سجيل سالاريو، جماعت اسلامي اڳواڻ فقير محمد منصوري، پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ گلزار خاصخيلي، جي يو آئي اڳواڻ صالح سومرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه  منير حيدر شاھ ،جگديش آهوجا، امير علي ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ کان حيدرآباد نڪتل ريلي مانجهند سن آمري لاکا منظور آباد خاڻوٺ علي آباد  ڄامشورو سميت مختلف بس اسٽاپن تي پهچڻ تي عوام طرفان قافلي تي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو ،گهوٽڪي ۾ فقير اربيلو منگريو، عبدالجبار بيهڻ،ايڊوڪيٽ عبدالستار مهر، حافظ سراج احمد چنه، رئيس الله وسايو گهوٽو، محمد حسن چاچڙ،عرض محمد مهر دلبر مهر،گمبٽ ۾ ڪامريڊ نثار ابڙو، سڪندر چانڊيو، خادم رتڙ، آصف لاکائي ڪوٽڏيجي ۾ مير ڏنل خان ٽالپر، سيد احسان علي شاهه ڪوٽ غلام محمد ۾ اعجاز ڀرڳڙي لعل محمد لغاري، علي حسن کوسو ايڊووڪيٽ کيمچند لوهاڻو، علي رضا قائمخاني، لڇمڻ لال،ڪنڊيارو ۾ مفتي حمادالله بروهي،مولوي حسين احمد عباسي،حافظ علي بيگ گوپانگ،نعمان ڪليري،هارون ڪلهوڙو،ذوالفقار ملاح، انور سولنگي ، ظفر کوسو هالا ۾ بھار سھتو.صاحبڏنو ورياھ.،فقير محمد منصوري،عبدالرشيد ڏيٿو، سلمان لغاري، مصري کوکر عمرڪوٽ ۾ لياقت جوڻيجو،غلام نبي منڱريو،حاجي ساند، يوسف سميجو، ليکراج مالهي، دسرت ڪمار، فقير محب منڱريو جي اڳواڻي ۾شهدادڪوٽ ۾مير اسحاق مغيري،راجا رميز تونيو،ﷲ داد خشڪ، آصف مگسي،حمل خشڪ، حافظ عبدالرزاق مگسي، احمد نواز بروهي، ڊاڪٽر امتياز شيخ، مبين مگسي، نوراحمد مگسي،شهدادپور ۾ محمد بخش خاصخيلي، حسين بخش خاصخيلي، منوچر گجر، ذوالفقار نرباڻ، ارشد خاصخيلي، معروف قادري جي اڳواڻي ۾شڪارپور ۾ برڪت علي ڪيھر،مولانا محمد طيب ميکو،حافظ عبدالغفور سومرو، مولانا عبدالرقيب ميکو، سيوھڻ ۾ محمد نواز رند، درياهه خان لغاري، اصغر سولنگي جي اڳوڻي ۾ ،سنڌڙي ۾ محمد خان مري ، نادر حسين شر،مصطفي جمال،اسماعيل شر،اسد هاليپوٽو، موتي رام ملاڻي. مشتاق نوهڙي، پرڪاش ميگھواڙ جي اڳواڻي ۾،سکر ۾ فقير عنايت الله ٻرڙو، قاري لياقت، دعوا خان، ماجد ،سجاول ۾ گل نواز رند،حميد رمضان چانڊيو،عالم خان رند، واحد بخش ۽ رمضان رند جي اڳواڻي ۾ سانگهڙ ۾ علي حسن نظاماڻي،وقار حسين جٽ، عبدالجبار جوڻيجو، مشتاق جوڻيجو، سلمه قريشي،سامارو ۾ غلام حسين ڪاڇيلو. ثنا ساند،مير حسن ڪالرو،روهڙي ۾ ريلي جي اڳواڻي فقير عنايت ٻرڙو، اسلام الدين ڪانڌڙو، غلام حيدر منڱريو،عبدالغفار سومرو ۽ ٻين ڪئي،  ڏوڪريءَ ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، ايڊووڪيٽ امداد جويو، مشتاق سنديلو، ياسر منگي، آزاد جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيوويو. ڏهرڪي ۾ حاتن خان شر جمال ڀٽو،محبت سميجو،تراب خان شر، اڪرم ميتلو،دوڙ ۾ ڊاڪٽر مجاھد رستماڻي، امتياز رستماڻي، زيب جتوئي ،محمود ڪورائي،نظام الدين کوسو، مولانا عبدالرحيم حيدري خيرپورناٿن شاهه ۾ ڪامريڊ غلام محمد گاڏهي،حافظ انور کوهارو، شعبان ملاح، بلاول ڀرڳڙي، عيسيٰ چانڊيو،عابد حسين ٻٻر،خيرپور ۾ ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، سڪندر جويو، صابر مھيسر، عبدالجبار ٽڳڙ، عمران ڌاريجو،ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم جي مرڪزي صدر سيد بشير شاھ ،عمران لغاري ، مولانا ابراهيم سومرو ،وحيد نظاماڻي،اعظم ڀٽي، مختيار ڀٽي ٺاروشاھ ۾ رضا محمد بهڻ، فرحان سومرو، ڪاشف سيال، جي اڳواڻي ۾ پنوعاقل ۾ مولانا علي اڪبر عباسي،مولانا سيف الله سمائر، ايڊووڪيٽ قربان ڪلوڙ،ايم اسحاق جسڪاڻي،گلشن ملڪ، جادل منگي ،عباس چاچڙ، محمد حيات منڱريو،محمد ياسين جوڻيجو ،علي ناصر، عبدالمجيد جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي ون يونٽ جو نئون نالو آهي، هي ملڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جيڪڏهن فيڊريشن کي هلائڻ چاهيو ٿا ته سوچي سمجهي فيصلا ڪيو، سنڌو درياهه مان رڳو ڪئنال نه پر نئين ڪمانڊ ايريا ڪڍي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ سنڌو درياهه جي پاڻي تي پنجاب جو مڪمل قبضو ٿي ويندو، گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ ڪمپني سرڪار پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ گهري ٿي، زرخير پنجاب خاطر سنڌ کي بنجر بنائڻ واري سازش خلاف سنڌ ڀرپور مزاحمت ڪندي. ڪالهه سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران سنڌو درياھه تي 6 ڪئنال اڏڻ خلاف سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف علائقن کان ٿيندي حيدرآباد ۾ قاسم آباد نسيم نگر چوڪ تي تي پهتي جتي جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۽ ريلي ۾ ھزارين ماڻھن جي شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شامل سياسي ڪارڪنن سنڌوءِ تي ڪئنال نامنظور، سنڌوءَ درياهه خاطر جهيڙو آ، هن سنڌ خاطر جهيڙو جهڙا زرودار نعرا هنيا. سڪرنڊ کان نڪتل قافلي جي سن، منظور آباد، ڄامشورو سميت حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي،زين شاهه چيو ته چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن جي ذريعي پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اسان اھڙي سازش کي ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته حڪمرانن کي وزاتون، گورنر شپ ۽ صدارت گهرجي، انهن کي تهذيبن ۽ قومن جي ڪا به پرواهه ناهي. موجوده ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ٿوري به غيرت آهي ته اھي پيءُ ۽ پٽ جي سودن کي ڇڏي سنڌ سان گڏ بيهن. هن چيو ته هاڻ سنڌ جي هر ماڻهو کي پنهنجي ذميواري کڻڻي پوندي، سنڌو ندي خاطر ضمير جو آواز بڻجي ميدان ۾ اچڻو پوندو. هن چيو ته عارف علوي ۽ مقبول باقر کي ته غيرت آئي پر هاڻوڪن سنڌ جي حڪمرانن کي غيرت نٿي اچي. هن چيو ته هاڻ عدالتون ڪينگرو ڪورٽون بڻجي ويون آهن، چونڊيل نمائندن جا لڇڻ سڀني جي سامهون آهن. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته وڏيون آباديون ۽ تهذيبون درياهه جي ڪري ٺهنديون آهن، تهذيبن جي ارتقا درياهه جي ڪنارن تي ٿي ۽ جيڪڏهن درياهه ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ ڪجهه به نه بچندو. ھن چيو ته سنڌو درياهه جون لهرون دل جي ڌڙڪن آهن. هن چيو ته اهو عجيب دليل آهي ته جيئن به آهن ۽ جهڙا به آهن سنڌين جي حڪومت ته آهي، پر اهو ٻڌايو وڃي ته سنڌ سان ٻيو ڪهڙو حشر ناهي ٿيو جيڪو ڌاريا حڪمران اچي ڪن ها. انهن ئي سنڌين جي حڪومت ۾ سنڌ جي ماڻهن جا ڳوٺ خالي ڪرائي زمينون بحريا ٽائون حوالي ڪيون ويون، آدمشماري ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي آبادي گهٽ ڪرائي، ٻهراڙي جون اسيمبلي جون سيٽون گهٽرائي ڇڏيون، ان ئي حڪومت ۾ سنڌ جي معصوم نياڻين جا لاش مليا، ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، احتجاج ڪندڙن تي لٺيون وسايون وڃن ٿيون، رواداري مارچ ۾ شامل اديبن ۽ شاعرن کي لٺيون هڻي روڊن تي گهيليو ويو. اڄ سنڌ تي ڌارين حملي آورن سان گڏ مقامي مفاد پرست به شامل ٿي ويا آهن، ان ڪري سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست ڌرين کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، سنڌو درياهه جي مسئلي تي ڀلي سڀئي الڳ الڳ احتجاج ڪن، اها سٺي ڳالهه آهي ته هر پارٽي پنهنجي وس آهر احتجاج ڪري پئي، پر هن وقت اسان کي گڏجي وڏا اجتماع ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر ڪئنالن واري مسئلي تي احتجاج رڪارڊ ڪرائين، جيڪڏهن انهن اسيمبلي ميمبرن ائين نه ڪيو ته تاريخ انھن کي سٺن لفظن سان ياد نه ڪندي، سنڌ جا ماڻهو انهن ميمبرن کي غدار ۽ وطن فروش سمجهندا. هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙن کي درياھه واري مسئلي تي لاتعلق نه ٿيڻ گھرجي،سنڌو درياهه خاطر سنڌ جي چپي چپي تي مزاحمت ٿيندي، سنڌ کي ڀت سان نه لڳايو، سنڌين کي اهڙي رستي ڏانهن نه ڌڪيو جنهن جا نتيجا انتهائي خراب نڪرندا. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ لال شاهه چيو ته سنڌ سنڌو درياهه جي تخليق آهي، ان ڪري سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ختم ٿيڻ نه ڏيندا. سنڌو درياهه تي اڳ ۾ اڏيل ڊيم غير قانوني ۽ غير آئيني آهن، هاڻ وري نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جھڙو هڪ ماڊل ٺاهيو ويو آهي. زوري ڪئنال ٺاهيا ويا ته پوءِ هن ملڪ کي ٿيندڙ نقصان جا ذميوار توهان هوندا. جلسي کي ايس يو پي اڳواڻ جگديش آهوجا، روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، فنڪشنل ليگ اڳواڻ رفيق مگسي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ طاهر مجيد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هي فيڊريشن ڪنهن جي جاگير ناهي، هي ملڪ گهڻ قومي ملڪ آهي. ان ڪري حڪمران ڇڙواڳ نه ٿين ۽ ملڪ ۾ شامل قومن جي خلاف فيصلا ڪرڻ بند ڪن. هنن چيو ته اڄ سنڌ جي واهڻ، وستي ۽ هر ڳوٺ جي ماڻهن سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندڙ حڪمرانن کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناهي. هنن چيو ته سنڌو درياهه بچائڻ واري هي تحريڪ رڳو سنڌ جي قومپرستن ۽ هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جي تحريڪ ناهي، پر ان تحريڪ ۾ هر سنڌ واسي شريڪ ٿي رهيو آهي.

لاڙڪاڻو(رپورٽ:جي ايم کوکر) لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي  ڊيم اڏڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف جي ڊي اي، جميعت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، فنڪشنل ليگ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ نوجوان اتحاد سميت مختلف جماعتن طرفان شهر جي ذوالفقار باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي لاڙڪاڻه پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، جميعت علما اسلام جي اڳواڻ محبت کهڙو، محمد الياس چنو، ايڊوڪيٽ سعيد احمد، محمد عثمان چانڊيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊوڪيٽ رئوف ڪورائي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ عامر اڳواڻ، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل، روشن ڪلهوڙو، منظور شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته اسين قديم سنڌي تهذيب جا نمائندا آهيون، جنهن ڏينهن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو ان ڏينهن کان پير سائين پاڳارو، سائين زين شاهه ۽ ٻين دوستن کي جس هجي جن پهرين ڏينهن کان ان فيصلي کي قبول نه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.