حڪومت  آمريڪي دٻاءُ کي ڪئين منھن ڏيندي ؟

ڊونلڊ ٽرمپ اڃان ايندڙ سال جنوري ۾ صدارتي عھدي جو قسم کڻندو. جنھن سان ڪنھن آمريڪا جي اثر ۽ خود ان  جي مفادن جي اوليتن موجب نئين صف بندي ٿيڻ جا امڪان آھن.آمريڪي پاليسين ۽ آمريڪي مفادن توڙي چالاڪين تي نظر رکندڙ ماھر ايندڙ صدر جي قسم کڻڻ بعد ھن جي ترجيحات کي تي ٽيڪاٽپڻي ڪري رھيا آھن.مبصر ھن جي وزارتن ۾ نامزد ڪيل ٽيم جي ماڻھن جي ويچارن ۽ نظرين کي سمجھڻ ۽ انھن جي امڪاني جڙندڙ پاليسن جي حوالي سان پڻ تجزيا پيش ڪري رھيا آھن. ان ھوندي بھ ٽرمپ جي ماضي جي رڪارڊ کي ڏسي ڪري ھن جي ترجيحات بابت سمجھڻ گھڻو ڏکيو قرار ڏنو پيو وڃي.

پاڪستان تحريڪ انصاف پنھنجي باني  چيئرمين عمران خان جي آزادي لاءِ لابنگ وڌائي ڇڏي آهي، ڪانگريس جي 46 ميمبرن آمريڪي صدر بائيڊن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ عمران خان ۽ ٻين جي فوري آزادي لاءِ وڪالت جو مطالبو ڪيو ويو آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين طرفان پي ٽي آءِ جي باني خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جا ڪي به اشارا نه مليا آهن.وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ جو چوڻ آھي تھ پي ٽي آءِ، جو باني ملڪ دشمن آھي.ھو ٻاھرين مداخلت چاھين ٿا. ھن سوال ڪيو تھ ھاڻي اھو ٻڌايو وڃي تھ ” اسين ڪي غلام آھيون“  جو نعرو ڪيڏانهن ويو، پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف مسلسل پرڏيهي مداخلت کي دعوت ڏئي رهي آهي، آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جو صدر بائيڊن کي خط ”حقيقي آزاديءَ“ واري بيانيئي جي  تابوت ۾ هڪ ٻيو ڪوڪو آهي، اهو خط پاڪستان جي سياسي نظام ۽ عدليه جي آزاديءَ کي چيلينج ڪري ٿو. اهو  خط گولڊ سمٿ خاندان جو ڪم آهي.

ڪانگريس ميمبرن خط ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن  بابت ايوان مان قرارداد جي اپيل ڪئي وئي آھي ۽ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي. خط جي متن ۾ چيو ويو آھي تھ گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي رپورٽ جي روشني ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ ٻين سياسي قيدين جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.خط ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان ۾ 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي کانپوءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، پاڪستان جي اهم سياسي پارٽي پي ٽي آءِ کي چونڊن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مختلف حڪمت عملين باوجود پي ٽي آءِ اميدوار آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيا. خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت طرفان چونڊ خدشن بابت رپورٽون شايع ٿيڻ کان روڪيو ويو، باني سميت ٻين اڳواڻن جي مسلسل نظربندي ڳڻتي جوڳي آهي. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شايع ٿيل خط تي ڪانگريس جي 46 ميمبرن جا دستخط آهن. واضح رهي ته ھن کان اڳ آمريڪي ايوان نمائندگان جي 60 کان وڌيڪ ميمبرن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي خط لکي پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

برطانوي پرڏيهي وزير جو ردعمل بھ سامهون اچي ويو آهي. ھن برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر ڪم جانسن جي خط جي جواب ۾ برطانوي موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين طرفان پي ٽي آءِ جي باني خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جا ڪي به اشارا نه مليا آهن ۽  عدالتي معاملا ملڪ جو اندروني معاملو آهي پر عالمي ذميواريون ۽ بنيادي آزادين جو احترام ضروري آهي.

سياسي مخالفت، اظهار جي آزادي ۽ اسيمبلي جي آزادي جهڙن معاملن تي تحفظات آهن. واضح رهي ته ڪم جانسن پي ٽي آءِ جي باني جي عالمي معاملن واري صلاحڪار زلفي بخاري جي درخواست تي برطانوي پرڏيهي وزير کي خط لکيو هو. زلفي بخاري 26هين آئيني ترميم جي منظوري سان عدالتي نظام ۾ تبديلين جي حوالي سان هڪ مهينو اڳ خط لکيو هو. ڪم جانسن طرفان موڪليل خط تي مختلف پارٽين جي 20 ايم پي ايز به دستخط ڪيا.

اسان وٽ عام طور تي ميڊيا ۾ پکيڙيل بحث سان ڪنھن ڳالهھ يا خيال کي ايترو پڪو ڪيو ويندو آھي جو عام ماڻھو ان تي يقين ڪرڻ لڳندو آھي.پر آمريڪا جي ڪنھن پريشر وارين ڳالھين کي ان ڪري بھ ھٿي ملندي آھي جو پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ اھو تصور ڪيو ويندو آھي تھ ھتي “ڪک پڻ آمريڪا جي اشاري سان ُچرندو آھي“

عالمي طور تي بااثر ملڪ ننڍن ۽ ڪمزور ملڪن جي اندر عمل دخل ڏيندا آھن پر انھن وٽ اوليت سندن مفادن جي ھوندي آھي.پاڪستان جنھن خطي ۾ واقع آھي ۽ ھن وقت جيڪي تبديليون آيون آھن،ان سان پاڪستان جي اھميت وڌڻ بدران ڪافي گھٽجي وئي آھي. 80 واري ڏھاڪي ۾ افغانستان ۾ روس جي داخل ٿيڻ ڪري ۽ ان بعد 21 صديءَ جي شروعات ۾ نائين اليون جي ڪري پاڪستان ۾ آمريڪا جا مفاد ھئا.جنھن ڪري آمريڪا ڪافي امداد بھ ڏني ۽ ان سان پنھنجا مفاد پڻ حاصل ڪيا پر وقت گذرڻ سان گھڻو  ڪجهه بدلجي ويو آھي.جنھن ڪري پاڪستان ۾ ڪنھن امڪاني مداخلت جو سڌي ريت آمريڪا کي ڪو فائدو ٿيندي نظر نھ پيو اچي.

ان باوجود آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جي خط ۾ شامل مواد يقينن ھاڻي بحث جو موضوع بڻجندو.جنھن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي بھرحال اھميت رکي ٿي.پاڪستاني اختيارين پاران جنھن طريقي سان چونڊون ڪرايون،عدليھ ۽ اظھار جي راءِ جي آزادي کي دفن ڪيو آھي ان ڪري عالمي سطح تي اھڙي نوعيت جي پريشر کي منھن ڏيڻو پوندو.

اھڙي صورتحال مان خود حڪومتي سفارتڪاري جي ڪمزور ھجڻ جو پاسو پڻ نظر اچي رھيو آھي.ھر غلط ڪم جي مڪمل طور تي وڪالت نھ ڪري سگھبي آھي ۽ اڄ جي دور ۾ ڪا ڳالھھ لڪائڻ پڻ مشڪل ترين عمل آھي.

ممڪن آھي تھ ھي پريشر حڪومت سھي وڃي پر ان مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ آھستي آھستي پاڪستان جي اختيارين تي اھڙي نوعيت جا دٻاءَ وڌندا ويندا.جنھن کي ڪامياب سفارتڪاري سان منھن ڏئي سگھجي ٿو. ھاڻي اھو فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آھي تھ اھا صورتحال کي ڪئين پنھنجي حق ۾ آڻڻ چاھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.