اسان کي خبر به آهي ته ڪيترن ئي اڻ مٽ فيصلن قومي زندگي تي ڪيترا نه گهرا اثر ڇڏيا آهن. اهو ڪٿي لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن آرمي چيف کي سروس ۾ واڌ نه ملندي ته ملڪ جي ڪاروهنوار ۾ رنڊڪ اچي ويندي؟ اهڙا خيال ۽ مفروضا اجايو آهن. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڏو مدبر، چالاڪ ۽ ذهين هو. ايترو ذهين جو ان پنهنجي ذهانت ۽ عقل فهم مطابق سمجهيو ته جيڪڏهن هن جنرل ضياءَ الحق کي هيٺيان کان مٿي آڻيندو ته هو يعني جنرل ضياءَ سندس وڏو فرمانبردار جنرل ثابت ٿيندو. پوءَ ملڪ جي عوام ڏٺو ته جنرل ضياءَ اهڙو ته سادو سودو فرمانبردار نڪتو جو ان آمر پنهنجي محسن کي آخرڪار ڦاسي گهاٽ تائين پهچائي ڇڏيو. ان مان محسوس ٿئي ٿو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو اعتماد ڌوکو کائي ويو.
اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا اهڙي ڪهڙي روحاني شخصيت هئي يا سندس اندر ۾ اهڙي ڪهڙي روحاني خاصيت هئي جو ان کي هرو ڀرو ملازمت ۾ واڌ ڏيئي ڪري ڪرسي تي ويهاري رکيو؟ جڏهن ان جي ملازمت جو مدو پورو ٿيو ته ان کي ٻيهر واڌ نه ڏيڻ گهرجي ها. ته جيئن ٻيو اچي ها جيڪو سينيئر هيو ملڪ جي عوام ڏٺو ته پرويز مشرف نواز شريف لاءِ ڪيترو ۽ ڪيئن فٽ ثابت ٿيو؟ ان ڪري اسان جي ملڪ جا سياستدان وڏا داناءَ آهن فيصلن ڪرڻ کان پوءِ عوام کي به جنجال ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. نواز شريف هڪ محدود سوچ جو مالڪ آهي. عمران خان به وڏيون وڏيون غلطيون ڪيون جيڪو اڄ جيل ۾ بند هوندي ڀوڳي رهيو آهي.
عمران خان به ميرٽ تي فيصلا ڪونه ڪيا. سندس ڪافي حد تائين غلط فيصلا هئا. حقيقت ۾ ائين هجڻ گهرجي ته جنهن وقت جنهن جو مدو پورو ٿي وڃي ان کي وڃڻ ڏنو وڃي ته جيئن ٻئي ڪنهن کي به خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي. هن وقت پاڪستاني قوم کي هڪ پريڪٽيڪل مسئلو درپيش آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ کي اهڙن ته ڳنڀير مسئلن وڪوڙي ورتو آهي جن کان جان ڇڏائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه نظر اچي ٿي.
ملڪ جو عوام هڪ ئي سوال ڪري رهيو آهي ته آئين ۽ قانون جي ڀلا ڪهڙي حيثيت وڃي رهي آهي؟ پاڪستان ۾ بنيادي انساني حقن جي ڪابه اهميت ڪانهي. اليڪشن ۾ ڇا ٿيو اهو به عوام جي آڏو هڪ آئيني جيان عيان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اقتدار جي ليور تي تمام مضبوطي سان هٿ رکيل آهي. پارلياماني نظام اتي وڌيڪ مؤثر ۽ مضبوط ڏسڻ ۾ ايندو آهي جتي قانون جي بالادستي هجي. اسان وٽ ٻه آپشن وڃي بچيا آهن. يا ته ماڻهو وات تي پٽي ٻڌي چپ جو روزو رکي ڇڏي يا وري روئڻ کي پنهنجو پيشو بڻائي. ماڻهو جڏهن ڳوڙها ڳاڙي ٿو ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل باجوا ياد اچي ٿو. هڪ ڀيري ڪنهن سان چانهه جي ڪپ واري ڪچهري ۾ جنرل باجوا چيو ته جيڪڏهن نواز شريف ميرٽ تي فيصلو ڪري ها ته جنرل نديم اشفاق آرمي چيف هجي ها.
ڊان ليڪس دوران جنرل راحيل شريف ايڪسٽينشن وٺڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ۽ ڊان ليڪس واري اشوز کي شد مد سان کنيو ويو پر ٿيو ڪجهه به نه. جڏهن نواز شريف آڏو جنرل راحيل شريف جي دال نه ڳري ته هن سعودي عرب ۾ وڃي عهدو سنڀاليو. مدي ۾ واڌ ٿيڻ کان بهتر آهي ته ميرٽ تي فيصلا ڪيا وڃن. ان سان ٻين جي به حق تلفي نه ٿي سگهندي ۽ ميرٽ توڙي قانون جي حڪمراني ۾ به اضافو ٿيندو. بحرالحال اڄوڪي دور جي سياستدانن کي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جنرل ضياءَ بابت ڪيل فيصلي مان سبق پرائڻ گهرجي.