ڪراچي: ماڊل ڪالوني جي لاسي پاڙي ۾ ڪارخاني ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ماڊل ڪالوني جي لاسي پاڙي ۾ موجود هڪ ڪارخاني ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي، باهه کانپوءِ آسمان تي دونهون ڇانئجي ويو ۽ ڌماڪن جا آواز ايندا رهيا.
ريسڪيو ذريعن موجب باهه هڪ گهر ۾ سلينڊر ڌماڪي سان لڳي، جنهن فيڪٽري کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، اطلاع تي فائر بريگيڊ، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي وئي.
فائبر جي ٽائنڪي ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ باهه کانپوءِ علائقي واسين جو وڏو انگ اتي پهچي ويو، جن کي پوليس ۽ رينجرز ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائر بريگيڊ باهه تي ضابطو آڻي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.