پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ قانون سازي ڪري ماڻهن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ شڪي بڻايو ويو آهي، ڪي پي جو عوام تڪليف ۾ آهي ۽ حڪومت جو سڄو ڌيان سياست تي آهي.
پشاور ۾ الياس بلور جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته صوبي جو عوام تڪليف ۾ آهي ۽ صوبائي حڪومت جو سڄو ڌيان سياست تي آهي، حڪومت امن امان جي معاملي تي نه پر سياست تي ڌيان ڏئي رهي آهي، جيڪو غلط آهي.
هن چيو ته 26هين آئيني ترميم مان شق نمبر 8 کي ڪڍيو ويو، جڏهن ته ترميم کانپوءِ تيزيءَ سان قانون سازي ڪئي پئي وڃي ۽ انساني حقن جي پامالي ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي به پڪڙي 90 ڏينهن تائين رکي سگهجي ٿو، اهڙي قانون سازي ڪري ماڻهن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ شڪي بڻايو ويو آهي.
You might also like