شوقينن جو بابر اعظم سان اڻ وڻندڙ رويو، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڊني گرائونڊ ۾ مداحن جي بابر اعظم سان اڻ وڻندڙ رويي جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
گذريل ڏينهن سڊني ۾ کيڏيل ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ان ميچ ۾ به بابر اعظم وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ رڳو 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته بابر اعظم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به رڳو 3 رنسون ئي ٺاهي سگهيو هو.
بابر اعظم جي مسلسل ناڪامين تي مداح مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ کيس ٽرول ڪرڻ جو ڪو موقعو نٿا وڃائين.
سڊني ۾ آسٽريليا خلاف ميچ دوران بابر اعظم فيلڊنگ ڪري رهيو هو ته مداحن نامناسب انداز ۾ کيس چيو ته ”تنهنجي ٽي ٽوئنٽي ۾ جاءِ نٿي ٺهي، موٽي وڃ“.
شوقينن جي اهڙي رويي تي بابر اعظم ڪو جواب نه ڏنو پر کين چِتائي ڏسي رهيو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.