خوبصورت بڻجڻ چاهيو ٿا ته ڦودني جو استعمال ڪريو

عورتن جي هر ممڪن ڪوشش هوندي آهي ته هو هر عمر ۾ پرڪشس نظر اچن، ان ڪري اهي پنهنجي کَلَ جو هر طريقي سان خيال رکڻ کي ترجيح ڏينديون آهن.

عورتن جو وڏو انگ مهانگين اسڪن ڪيئر شين بدران گھريلو ٽوٽڪن جو استعمال ڪندي فائدو حاصل ڪنديون آهن.

تقريبن هر گھر ۾ موجود ڦودنو نه رڳو کاڌن جي خوشبودار بڻائيندو آهي پر اهو چهري جي چمڪ کي نکارڻ جي خاصيت به رکي ٿو.

بنيادي طور تي ان کي ڀارت، برازيل ۽ چين ۾ پوکيو ويندو آهي، اهو فنگل انفيڪشن جي علاج لاءِ به وڏي پيماني تي استعمال ڪيو ويندو آهي.

عورتون ڦودني جو استعمال ڪنديون آهن انهن ٽوٽڪن جي مدد سان پنهنجي کَلَ کي سولائي سان نکاري سگھن ٿيون.

فيس ٽونر

چهري جي کَلَ کي آرام ۽ سڪون ڏيڻ لاءِ ڦودني ٽونر اوهان جي هڪ بهترين چونڊ آهي، ان کي تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ٿانو ۾ ٻه ڪوپ پاڻي اٻاريو ۽ ان ۾ هڪ ڪوپ ڦودني جا پن شامل ڪريو.

ان مڪسچر کي 30 کان 35 منٽن تائين پچڻ ڏيو، ٿڌو ٿيڻ بعد پاڻي کي ڇاڻي وٺو.

منهن ڏوئڻ کان پوءِ ان ٽونر کي پنهنجي چهري تي اسپري ڪندا رهو.

فيس پيڪ

هڪ پيالي ۾ ڪوپ جو چوٿون حصو ڦودني جا جي پنن کي چِٿي ان ۾ 1 چمچو ماکي، 1 چمچو ڏهي ۽ ليمي جا ڪجهه ڦڙا سٺي طرح مڪس ڪريو.

پنهنجي چهري کي سٺي طرح ڌوئڻ کان پوءِ ان فيس پيڪ کي پنهنجي چهري تي 30 منٽن لاءِ لڳائي رکو ۽ پوءِ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.