جديد دور ۾ وقت جي کوٽ سبب ڀاڄي پچائڻ بعد گهڻو ڪري فرج ۾ رکي ويندي آهي ۽ بک لڳڻ جي صورت ۾ اتان کڻي مائيڪرو ويو يا چلهي تي رکي گرم ڪري کاڌي ويندي آهي.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪجهه عام کاڌا اهڙا به آهن جن کي پچائڻ 7 فريز ڪرڻ بعد ٻيهر گرم ڪرڻ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو؟
ان حوالي سان ستن اهڙين شين تي نظر وجهون ٿا جن کي ٻيهر گرم ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.
پٽاٽا:
پٽاٽا جلدي پچي ويندا آهن ۽ سمجهيو ويندو آهي ته انهن کي ٻيهر گرم ڪري کائي سگهجي ٿو پر ائين ناهي، پٽاٽا پچائڻ بعد جيڪڏهن کين ڪمري جي گرمي پد تي به رکجي ته انهن ۾ بيڪٽيريا پيدا ٿيندي آهي.
اهي بيڪٽيريا فرج ۾ ڄمڻ سان ختم ناهن ٿيندا، ٻيهر گرم ڪرڻ جي صورت ۾ انهن ۾ ڪلوستريڊيم بوٽوليم بيڪٽيريا بڻجي ويندي آهي.
سڀ کان بهتر اهو ئي آهي ته اوهان انهن کي پچائي استعمال ڪريو ۽ فرج ۾ نه رکو.
جيڪڏهن فرج ۾ رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پچائڻ جي فوري بعد فرج ۾ رکو، ٻيهر گرم ڪرڻ لاءِ مائيڪرو ويو جو استعمال نه ڪريو ۽ ٿانو ۾ وجهي چلهي تي گرم ڪريو.
چانور:
پٽاٽن جيان چانورن ۾ به بيڪٽيريا تيزي سان پکڙجي سگهي ٿي ۽ گرم ڪرڻ تي به اها ختم ناهي ٿيندي، چانورن ۾ بيڪٽيريا جو اهو حصو فوڊ پوائزننگ جو سبب بڻجي ويندو آهي.
ان حوالي سان ماهرن جي اها ئي صلاح آهي ته پٽاٽن جيان يا ته رڳو تازا پچيل چانور ئي کائو يا وري ضروري هجي ته پچائي فوري طور تي ٿڌو ڪري محفوظ ڪري وٺو.
آنا:
آنا پروٽين حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن پر اٻريل، تريل يا آمليٽ ٺاهيل آنن کي ٻيهر گرم ڪرڻ وڏو خطرناڪ آهي، وڌيڪ پروٽين واري خوراڪ ۾ نائيٽروجن جو وڏو مقدار هوندو آهي جيڪو گرم ٿيڻ تي زهريلو ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڪينسر جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.
ان کي به پچائڻ جي فوري بعد کائي ڇڏيو جيڪڏهن بعد ۾ استعمال ڪرڻ لازمي آهي ته اوون سميت ڪنهن به قسم سان گرم ڪرڻ کان پاسو ڪريو.
ڪڪڙ جو گوشت:
ڪڪڙ جو ٻوڙ گرم نه هجي ته کائڻ جو ڪهڙو مزو؟ پر بيهو، آنن جيان هنن ۾ به پروٽين هوندو آهي، يعنيٰ هن کي ٿڌي ڪرڻ بعد ٻيهر گرم ڪرڻ به خطري کان خالي ناهي.
ڪڪڙ جي گوشت ۾ موجود پروٽين فرج مان ڪڍڻ بعد تبديل ٿي ويندو آهي ۽ گرم ڪرڻ جي صورت ۾ هاضمو متاثر ڪندو آهي.
کاڄرو تيل:
سورج مکي، ڪنولا آئل ۽ کاڌو پچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻيا تيل جن کي ٿڌو ڪمپريس ڪيو ويو هجي، انهن کي به ٻيه گرم نه ڪرڻ گهرجي.
اهڙي ڪوڪنگ آئل ۾ اوميگا ٿري هوندو آهي جيڪو گرمي پد بابت حساس هوندو آهي، طبي ماهرن موجب ان کي گرم ڪري کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.