تحريڪ انصاف ۾ ڏڦيڙ، چئن اهم عهديدارن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا ۽ پي ٽي آءِ پشاور جي 4 عهديدارن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
تحريڪ انصاف پشاور جي تنظيم ۾ اختلافن سبب پي ٽي آءِ پشاور سٽي جي جنرل سيڪريٽري، ٻن سينيئر نائب صدرن ۽ هڪ نائب صدر عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون.
پي ٽي آءِ جي ضلعي پشاور جي صدر عهديدارن جون استعيفائون قبول ڪري نون عهديدارن جي مقرري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پڌرائي موجب پي ٽي آءِ پشاور جي تعلقي تي رحمان جلال کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فقير محمد ۽ رفيع الله کي سينيئر نائب صدر ۽ نائڪ محمد کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.