هائپر سونڪ ميزائل جي ڪامياب تجربي کانپوءِ ڀارت ايليٽ گروپ ۾ شامل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت مقامي طور تيار ڪيل ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ هائپر سونڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت ان دعويٰ سان فوجي ترقي ۾ هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو، ان ڪامياب تجربي ڀارت کي جديد ٽيڪنالاجي رکندڙ ملڪن جي ننڍي گروپ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
اهو تجربو هائپر سونڪ هٿيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت جهڙن ملڪن جي عالمي ڪوششن جو تسلسل آهي، جڏهن ته چين، روس ۽ آمريڪا اڳ ئي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ جديد ميزائل تيار ڪندڙ ملڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.