اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين.
قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم پنهنجي بهادر جوانن سان گڏ بيٺي آهي.
هن چيو ته ملڪي بقا خاطر پاڪ فوج جي جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، مون سميت سڄي قوم کي شهيدن ۽ انهن جي وارثن تي فخر آهي.
وزيراعظم دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
Next Post
You might also like