اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته حڪومتي ڪمن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل راءِ نٿي ڏئي سگهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي انتظامي معاملن ۾ راءِ ڏيڻ جو اختيار ناهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته آئين موجب اختيارن ۽ فرضن ۾ ڪائونسل جو اختيار قانون ٺاهيندي راءِ ڏيڻ آهي، جيڪڏهن قانون ٺهي رهيو هجي يا اهو غير اسلامي هجي ته ان تي راءِ ڏئي سگهجي ٿي.
هن چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي آئين جي آرٽيڪل 228 موجب ٺاهيو ويو آهي، ادارن کي پنهنجي اختيارن کي آئيني حدن ۾ رکڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like