لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽرز لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ندا ڊار، عاليا رياض، انوشي ناصر، ايمان فاطمه، شوال ذوالفقار ۽ سدره نواز جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان نيڪالي ڏني وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڪارڪردگي جي سالياني جائزي کانپوءِ بين القوامي سيزن لاءِ 16 عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو .
گذريل سال 20 ڪرڪيٽرز کي ٻن سالن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا هئا جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 2023-24 جي سيزن کانپوءِ سندن ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ويندو.
سينٽرل ڪانٽريڪٽ تحت ڪپتان فاطمه ثناءَ ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر منيبا علي کي اي ڪيٽيگري ۾ ترقي ڏني وئي آهي جڏهن ته اسپنر سعديه اقبال پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي بي ڪيٽيگري جاءِ ٺاهي ورتي آهي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ٽن نون نالن انٽريز گل فيروزا، رامين شميم ۽ تسميه رباب شامل ڪيو ويو آهي، تسميه رباب پهريون ڀيرو سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪيو آهي.
گل فيروزا 2018ع ۽ رامين شميم 2022-23 کانپوءِ ٻيهر سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪري ورتو آهي.
ندا ڊار، عاليا رياض، انوشي ناصر، ايمان فاطمه، شوال ذوالفقار ۽ سدره نواز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جاري ناهي ڪيو ويو، پرسمورا پليئرز سليڪشن لاءِ دستياب هوندا.
پي سي بي جو وومينز ڪرڪيٽرز لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، ندا ڊار ۽ عاليا رياض کي نيڪالي
You might also like