اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ کاتي ملڪ ۾ ڳالهائي ويندڙ مادري ٻولين تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ 89 لک ماڻهن جي مادري ٻولي پنجابي ۽ 4 ڪروڙ 36 لک آبادي جي مادري ٻولي پشتو آهي، جڏهن ته 3 ڪروڙ 44 لک آبادي جي مادري ٻولي سنڌي آهي.
ڳڻپ کاتي موجب 2 ڪروڙ 88 لک ماڻهن جي مادري ٻولي سرائيڪي ۽ 2 ڪروڙ 22 لک کان وڌيڪ آبادي جي مادري ٻولي اردو آهي.
اهڙي ريت 81 لک 17 هزار آبادي جي مادري ٻولي بلوچي آهي، جڏهن ته 55 لک 90 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي هندڪو، 27 لک 78 هزار آبادي جي مادري ٻولي براهوي، 10 لک 39 هزار جي مادري ٻولي ڪوهستاني ۽ 2 لک 74 هزار آبادي جي مادري ٻولي ڪشميري آهي.
ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ لک 16 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي شينا، 52 هزار 134 جي مادري ٻولي بلتي ۽ 7 هزار 466 جي مادري ٻولي ڪيلاش آهي، جڏهن ته 33 لک 37 هزار ماڻهن جون ٻيون مختلف مادري ٻوليون آهن.
You might also like