بلاول جي صحافين سان ملاقات ۽ وفاقي سرڪار کان بيزاري وارو معاملو

تحرير: عاجز جمالي

مون کي 1990 جو ڏھاڪو، ياد اچي پيو جڏھن محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ نه ھوندي ھئي ته زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان ملاقاتون ڪندي ھئي، ڪڏھن ڪڏھن ته باقاعدي صلاح وٺندي ھئي، چوندي ھئي مون کي صلاح ڏيو ته مان ڦلاڻي مسئلي تي ڪھڙو موقف اختيار ڪريان. ھو اديبن ،دانشورن، صحافين ، وڪيلن ، واپارين ،عورتن،  ۽ سماج جي سجاڳ ماڻھن سان ملاقاتون ڪندي ھئي. مون به ڪيئي ڀيرا اھڙين ملاقاتن ۾ ويھڻ جو شرف حاصل رھيو آھي ،

ھڪ ڀيري نويد قمر ڪجهه صحافين لاءِ  ڪراچي پريس ڪلب تي ھڪ گاڏي موڪلي ته محترم سڏايو آھي ، ملاقات لاءِ ھڪ گاڏي کان وڌيڪ ماڻھن کي سڏايو ويو ھو  سو مان رھجي ويس، مون دوستن کي چيو ته اوھان ھلو مان اچان ٿو، مون ڪلفٽن تائين بس ۾ سفر ڪيو ان کان بعد رڪشا تي چڙھي ڊفينس تائين ويس ، ڪمري جي ٻاھران نويد قمر منھنجو انتظار ڪري رھيو ،جيئن مان داخل ٿيس تڪڙ تڪڙ ۾ ان ڪمري ۾ وٺي ويو جتي ڏھ ٻارھن ماڻھو موجود ھئا ۽ سڀ انتظار ڪري رھيا ھئا،

مون ڪمري ۾ داخل ٿي سلام ڪيو ته محترمه  بينظير ڀٽو چوڻ لڳي ته اسان سڀ اوھان جو انتظار ڪري رھيا ھئاسين. مون چيو دير اچڻ تي معذرت پر اسان بسن ۾ سفر ڪندڙ صحافي آھيون. حقيقت ۾ ان زماني ۾ گھٽ صحافين وٽ گاڏيون ھونديون ھيون ،اڄ ڪلھ ڪراچي پريس ڪلب جي پارڪنگ ۾ سڄو گرائونڊ صحافين جي گاڏين سان ڀريل هوندو آھي.

ھي سڄي ڪھاڻي گذريل ڏينھن منھنجي دماغ جي اسڪرين تي ان وقت ڊوڙڻ لڳي جڏھن مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ جي ڪوريج دوران ملير ۾ مصروف ھوس ته بلاول ھائوس مان ڪال آئي ته اوھان کي چيئرمين صاحب ياد پيو ڪري. پھرين ته مون سمجھيو ڪا پريس ٽاڪ ھوندي ،ان ڪري آفيس مان سيٽلائيٽ وين موڪلي ڇڏي پر ٻيھر ڪال آئي ته صرف اوھان کي ذاتي حيثيت ۾ سڏايو ويو  ڪئميرا کان بغير. اسان صحافين لاءِ  اھڙي ملاقات وڌيڪ اھم ھوندي آھي، مان شيرپائو ڪالوني لانڍي کان پنھنجو رخ بلاول ھائوس ڏانھن موڙيو پر مون کي بلاول ھائوس پھچڻ ۾ ڪافي دير لڳي ، ان دوران بار بار فون ڪال ايندي رھي ، گيٽ تي ھمراھ انتظار ڪري رھيو ھو، اندر داخل ٿيس ته چار صحافي دوست انتظار ڪري رھيا ھئا. ٿوري دير بعد ان ڪمري ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري داخل ٿيو، اسان مان ھر ھڪ سان ملي خير عافيت پڇندو رھيو، ڪافي وقت اسان آف دي رڪارڊ ڳالههيون ڪندا  رھياسين. مون کيس چيو ته سائين اسان صحافين جي تيستائين ماني ھضم نه ٿيندي جيستائين خبر نه ملندي ، ڪجهھ اھم ڳالهيون آھن جن جا توھان کان جواب ٻڌڻ ٿا چاھيون ته بلاول ھائوس ميڊيا سيل جي دوستن صلاح ڏني ته ٻاھر ورانڊي ۾ ھلي ڳالهائجي ته جيئن روشني ۾ وڊيو ٺھي سگھي ، خير اسين ٻاھر ورانڊي ۾ اچي آن دي رڪارڊ ڪچھري ڪرڻ لڳاسين. مون کي ھن سڄي  ڪچھريءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداري مسلم ن جي وفاقي سرڪار کان بيزار بيزار پئي لڳو ، منھنجا کائنس پڇيل ٻئي سوال وڏي خبر جو سبب بڻيا. بلاول ڀٽو زرداري جڏھن عدليه جي مسئلي تي ڳالهائي رھيو ھئو ته مون کائنس پڇيو ته چيئرمين صاحب اوھان عدالتن ۾ صوبن جي برابري جي ڳالهھ پيا ڪريو سنڌ سان ته عدليا جي مامري ۾ به نا انصافيون آھن ،ھن وقت سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي نمائندگي ئي ڪانھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سمورن ججن کي آئيني عدالت ۾ شامل ڪيو ويو آھي  عدليا جي مامري ۾ به سنڌ ۽ وفاق ۾ ٻه قانون ھلي رھيا آھن. بلاول ڀٽو زرداري چوڻ لڳو ته جوڊيشري ۾ اھڙي نا انصافي ۽ ٻٽو معيار نه ھجڻ گھرجي ، سنڌ سان عدليا ۾ ٻٽو معيار اختيار ڪيو ويو آھي بلاول ڀٽو زرداري ججن جي باري ۾ ڪافي سخت ٻولي پئي ڳالهائي ،ھن چيو ته مون احتجاج طور سپريم جوڊيشل ڪاميٽي مان پنھنجو نالو ڪڍرايو ، اعليٰ عدالتن ۾ سنڌ سان تعصب وارو ورتاءُ قبول ناھي ، مون واضح چيو ھئو ته عدالتن مان عوام کي فائدو پھچڻ گھرجي اھو ئي ته ھئو ڇويھين آئيني ترميم جو ،مون سنڌ جي وڏي وزير کي ھدايت ڪئي آھي ته سنڌ جي چيف جسٽس سان ملاقات ڪري سنڌ جي ننڍين عدالتن ۾ ججن جو انگ وڌائي عوام جا ڪيس جلد کان جلد اڪلايا وڃن. مون کائنس ٻيھر سوال ڪندي کيس چيو ته اوھان کي خبر آھي ته ڪالا باغ ڊيم خلاف محترمه بينظير ڀٽو نواز ليگ جي حڪومت ۾ ڌرڻو ھنيو ھئو ، بد قسمتي سان اڄ به  نواز ليگ جي حڪومت آھي پر اڄ اوھان اتحادي آھي اھا حڪومت سنڌو نديءَ تي ڇهھ ڪينال ٺاھڻ جو فيصلو ڪري چڪي آھي جنھن جي خلاف اڄ سنڌ سراپا احتجاج آھي ،اوھان سنڌ ۾ قوم پرستن ۽ مخالفن جو مقابلو ڪيئن ڪندئو؟ بلاول ڀٽو ھن سوال تي ڪافي تفصيل ۾ ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي سرڪار تي سخت تنقيد ڪئي. بلاول چوڻ لڳو ته مان ڇويھين آئيني ترميم ۾ مصروف  ھئس ته پٺيان ھنن پي ايس ٽي پي مان ڪئنالن جي منظوري ورتي ،اھا ٿيل ٺاھ  جي ڀڃڪڙي ھئي ، ڇو ته اھو طئي ٿيل آھي ته پي ايس ڊي پي جو ڪوبه منصوبو اسان سان صلاح ڪرڻ کان سواءِ  منظور ڪيو ويو ،ھتي صورتحال عجيب آھي جو مسلم ليگ ن مسلسل ٿيل ٺاھ ۽ واعدن کان پٽي ھٽي رھي آھي ،مون کي سمجهھ ۾ نه ٿو اچي ته ھي اھا ڳالهه ڇو نه  ٿا سمجھن ته جيڪڏھن اسان پٺتي ھٽي وياسين ته پوءِ ھي ڇا ڪندا، اسان حڪومت کي مستحڪم ڏسڻ گھرون ٿا پر ھنن کي اھا ڳالهه سمجهھ ۾ ڇو نه ٿي اچي. ڪئنالن جي فيصلي تي ڪوبه اتفاق راءِ ناھي، پيپلز پارٽي کي تحفظات آھن ان باري ۾ اسان جو پنھنجو موقف آھي ته ويران زمينن کي آباد ڪرڻ جا ٻيا به گھڻا رستا آھن رڳو ھڪ رستو ناھي ته اوھان سنڌو درياھ تي تڪراري منصوبو کڻي اچو. بلاول ڀٽو زرداري کان صحافي دوستن چيني انجنيئرن جي قتل، آصف زرداري جي صحت، وي پي اين جي استعمال ۽ حڪومت کان ناراضگيءَ بابت سوال پڇيا. بلاول ڀٽو چوڻ لڳو ته اسان ناراض ناھيون پر اتحادي حڪومتن ۾ عزت ڀري سياست ٿيندي آھي ، ھتي اھا صورتحال آھي جو نه عزت ڏني وڃي پئي ۽ نه عزت ڀري سياست پئي ٿئي جنھن سبب اسان کي ڪافي مامرن تي  مايوسي آھي ، ڊسمبر ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿيندي ،سڄي صورتحال سي اي سي جي سامھون رکنداسين ،ڇوته پارٽي جي سي اي سي ئي اھو فيصلو ڪيو ھئو ته حڪومت جي حمايت ڪبي پر ڪابينا ۾ شامل نه ٿبو ،ھاڻي به سي اي سي جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪبو. بلاول ڀٽو زرداري سان اسان جي ڪلاڪ کن جي ڪچھريءَ مان ميڊيا لئه ته وڏيون خبرون نڪتيون پر مون کي حقيقت ۾ به بلاول ڀٽو وفاق کان بيزار نظر آيو ،جيڪڏھن ايئن آھي ته پوءِ وفاقي سرڪار ڪيئن ھلي سگھندي ڇوته سرڪار بھرحال مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي گڏيل سرڪار آھي ٻنھي جي وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ آھي جيڪا کين جوڙيو ويٺي آھي ، مان سوچيان پيو ته بلاول جي اھا ڳالهه ته سھي آھي جيڪڏھن پيپلز پارٽي حڪومت کان ھٿ ڪڍي وڃي ته وفاقي سرڪار تي ڍير ٿي ويندي ، پر اسان سان ٿيل سندس ڳالهه ٻولهھ مان مون کي  اھو اندازو ٿيو ته بلاول ڊسمبر جي آخر تائين ڄڻ حڪومت کي مھلت ڏني ھجي يا ڊيڊ لائين ڏني ھجي ،ڇو ته 27 ڊسمبر تي شھيد محترما بينظير ڀٽو جي ورسيءَ تي پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿيندي ان کان اڳ سرڪار کي پيپلز پارٽيءَ جا تحفظات ختم ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.