اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ ( وي پي اين ) جو استعمال غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي جوچوڻ آهي ته غير اخلاقي ۽ غيرقانوني مواد تائين پهچ ڏيندڙ انٽرنيٽ يا سافٽ ويئر جو استعمال شرعي ممنوع آهي.
هن چيو ته غير قانوني مواد يا بلاڪ ٿيل ويب سائيٽس تائين رسائي لاءِ وي پي اين جو استعمال شرعي لحاظ کان ناجائز آهي.
سندس چوڻ هو ته تڪراري ۽ ملڪي سلامتي خلاف استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشنز ترت بند ڪرڻ گهرجن.
علامه راغب نعيمي چيو ته حڪومت کي شرعي لحاظ کان بُرائي ۽ برائي تائين رسائي ڏيندڙ ذريعن تي پابندي مڙهڻ جو اختيار آهي.
ٻئي پاسي گهرو وزارت غير قانوني وي پي اين بند ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي خط لکي ڇڏيو آهي.
گهرو وزارت طرفان پي ٽي اي کي خط ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد وي پي اين استعمال ڪري رهيا آهن، وي پي اين ذريعي دهشتگردن کي بينڪ ٽرانزيڪشن ۽ دهشتگردي لاءِ مدد ملندي آهي.
گهرو وزارت موجب، دهشتگرد پنهنجي سڃاڻپ ۽ رابطي کي لڪائڻ لاءِ وي پي اين استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته وي پي اين کي فحش ۽ توهين جوڳي مواد لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.
You might also like