ڀارت جو اعتراض، آءِ سي سي، پي سي بي کي ٽرافي ڪشمير کڻي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اعتراض تي پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي ڪشمير کڻي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) خميس جي ڏينهن چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي ٽرافي کي پاڪستان ۾ اسڪردو، هنزه ۽ مظفرآباد جي علائقن ۾ کڻي وڃڻ جي شيڊيول جاري ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آڏو اعتراض اُٿاريو آهي ته ٽرافي جي اسڪردو، هنزه ۽ مظفرآباد جي شهرن نمائش نه ڪئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول علائقن ۾ ٽرافي جو دورو رد ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي، پي سي بي کي آگاهه ڪيو آهي ته ٽرافي جي پاڪستان ۾ نمائش وارو شيڊيول تبديل ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، في الحال شروعاتي ٽور دوران ٽرافي ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ نمائش لاءِ رکي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.