ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ پنجاب جي وزير نووجوت سنگهه سڌو، ڪپِل شرما شو ڇڏڻ جي اصل ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.
نووجوت سنگهه 2019ع تائين شو جو حصو رهيو، جنهن دوران هو پنهنجي ٽهڪڙن، حاضر دماغي، في البديهه شاعري سان شو ۾ چار چنڊ لڳائيندو رهيو.
تازو ئي هن جڳ مشهور ڪاميڊي پروگرام ” دي گريٽ انڊين ڪپل شو “ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن ماضي ۾ پيش آيل واقعن ۽ شو ڇڏڻ جو اصل ڪارڻ بيان ڪيو.
نووجوت سنگهه چيو ته شو ان ڪري ڇڏڻو پيو ڇاڪاڻ ته ڪجهه سياسي مسئلا به هئا، جنهن تي وڌيڪ بحث نٿو ڪرڻ چاهيان.
هن چيو ته پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سياسي معاملن کانسواءِ به ٻيا مسئلا هئا جنهنڪري شو ڇڏڻو پيو.
هن شو جي ميزبان ڪپل شرما جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪپل هڪ ڪامياب انسان آهي، خواهش آهي ته اسان پهريان جيئن گڏ هئاسين هڪ ڀيرو وري ائين گڏجون.