اميتاڀ بچن پٽ کي شو ۾ گهرائي پڇتائڻ لڳو !

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن ” ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي نئين سيزن ۾ پنهنجي پُٽ اڀيشيڪ بچن کي گُهرائي افسوس ڪرڻ لڳو.
مشهور ٽي وي شو ” ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي 16 هين سيزن جي نئين قسط ۾ اڀيشيڪ بچن به خاص مهمان طور شرڪت ڪندو، شو جو پرومو گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا جاري ڪيو ويو.
وائرل ڪلپ ۾ اڀيشيڪ کي ڪهڙي به ڪنٽيسٽنٽ جي انعام کٽڻ تي بار بار پنهنجي والد جي مخصوص انداز ” 7 ڪروڙ رپيا“ جي اعلان جي نقل ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جنهن تي اميتاڀ بچن به حيرت وچان مسڪرائي ويٺو.
وائرل ڪلپ ۾ اڀيشيڪ بچن ناظرين کي ٻڌايو ته اسان جي گهر جا ٻارڙا به ماني کائڻ دوران ڪنهن به سوال جي جواب تي گڏجي ”7 ڪروڙ رپيا“ جو ئي نعرو هڻندا آهن، جنهن تي اميتاڀ پُٽ کي ڏسي چيو ته ” اڀيشيڪ کي هتي گهرائي هڪ وڏي غلطي ڪري ڇڏي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.