حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تلنگانه جي حڪومت پنجابي گلوڪار دلجيت دوسانجهه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هلندڙ هفتي حيدرآباد ۾ دلجيت دو سانجهه جي رٿيل ڪانسرٽ کان اڳ شو جي انتظاميا کي رياستي حڪومت پاران نوٽيس اُماڻيو ويو آهي.
رياستي حڪومت طرفان انتظاميا کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته راڳي طرفان ڪانسرٽ ۾ شراب، منشيات ۽ تشدد کي هٿي ڏيڻ وارا گيت نه ڳائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ان کانسواءِ نوٽيس ۾ اسٽيج تي ٻارن کي گهرائڻ تي بندش هوندي، جڏهن ته حڪومت ٻارن جي حفاظت لاءِ وڏي آواز ۽ فليش لائيٽس کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.
You might also like