ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جي شو ” دي گريٽ انڊين ڪپل شو “ کي قانوني نوٽيس اُماڻيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ” دي گريٽ انڊين ڪپل شو“ هاڻي او ٽي ٽي پليٽ فارم نيٽ فلڪس تي نشر ٿيندو آهي جنهن خلاف قانوني ڪارروائي جو نوٽيس موڪليو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪپل شرما پنهنجي شو تي نوبيل انعام يافته شاعر رابندر ناٿ ٽيگور جي توهين ڪندي سندس ميراث کي نقصان رسايو آهي.
ڪپل شرما جي شو کي سلمان خان جي پروڊڪشن ڪمپني سان جوڙيو پيو وڃي جنهن تي پروڊڪشن ٽيم شو کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.
سلمان خان جي پروڊڪشن ڪمپني جي قانوني صلاحڪار واضح ڪيو آهي ته سندن نيٽ فلڪس تي هلندڙ شو سان ڪو تعلق نه آهي.
You might also like