ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت آئيني ترميم وقت ڪيل پنهنجي ڳالهين تان پوئتي هٽي وئي آهي.
بلاول هائوس ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ پ پ سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، وفاق کان عزت نه پئي ملي نه سياست ملي رهي آهي، حڪومت پنهنجي ڳالهين تان پوئتي هٽي رهي آهي، قانون سازي ۾ مڪمل طور مشاورت ٿيڻ گهرجي.
هن چيو طئي ٿيو هو ته پي ايس ڊي پي مشاورت سان ٺاهي ويندي، حڪومت ڪينالن تي جيڪو طريقي ڪار اختيار ڪري رهي آهي، اهو ٺيڪ ناهي، سڄي دنيا ۾ حڪومتون پارٽنرز سان معاهدن تي عمل ڪنديون آهن، ڏسنداسين ته معاهدي تي ڪهڙو عملدرآمد ٿيو؟
سندس چوڻ هو ته وفاق آئين سازي وقت برابري جون ڳالهيون ڪيون، جڊيشل ڪميشن مان احتجاجي طور الڳ ٿيس، مان جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن ۾ هجان ها ته آئيني بئنچ ۾ فرق تي ڳالهايان ها، اسان کي انصاف جي سڀ کان وڏي اداري ۾ برابري جي نمائندگي گهرجي، هڪ ملڪ ۾ ٻه نظام نٿا هلي سگهن، مراد علي شاهه کي چيو آهي ته چيف جسٽس سان رابطو ڪري.
You might also like