برسبين( ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
برسات سبب ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ في اننگز ست اوورن جي ميچ ٿي، قومي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو .
آسٽريليا طرفان گلين ميڪسويل 19 بالن تي پنجن چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان 43 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.
ان کانسواءِ مارڪوس اسٽوئنس 21، ميٿيو شارٽ 7، جيڪ فريزر ۽ ٽم ڊيوڊ 9، 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، آسٽريليا مقرر 7 اوورن چئن وڪيٽن جي نقصان تي 93 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان عباس آفريدي ٻه جڏهن ته حارث رئوف ۽ نسيم شاهه هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان طرفان حسيب الله ۽ سلمان علي آغا آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪيو.
آسٽريليا طرفان ڏنل 94 رنسن جي هدف جي جواب ۾ قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 64 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان عباس آفريدي 20، شاهين آفريدي 11 رنسون ٺاهيون، حسيب الله 12، صاحبزاده فرحان 8، عثمان خان ۽ سلمان علي آغا 4، 4 جڏهن ته بابر اعظم 3 رنسون ٺاهي سگهيو.
ڪپتان محمد رضوان، عرفان خان نيازي ۽ نسيم شاهه کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا.
آسٽريليا جي زيوير بارٽليٽ ۽ نيٿن ايليس، 3،3 وڪيٽون ورتيون.
شاندار بيٽنگ تي گلين ميڪسول کي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو .
Prev Post
You might also like