چين جو پرڏيهي وزارت کي لکيل خط پرڏيهي خابرو ايجنسي وٽ ڪيئن پهتو؟

اسلام آباد ( عمران شفقت ) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ تازي صورتحال تي آرمي چيف ۽ وزيراعظم کي پاڻ معاملن کي ڏسڻو پوندو. تازو روئٽرز پاران ھڪ خبر اچڻ کان پوءِ   پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ملڪ جي ٻنھي وڏن کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو تھ اھڙيون خبرون ڪيئن ۽ ڪٿان ليڪ ٿين ٿيون؟ ھن وقت چيني شھرين مٿان حملن ۾ واڌ ٿي آھي ،چيني شھرين مٿان حملي بابت ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم چيو تھ مون کي شرمندگي ٿي آھي  ۽ اھو خطاب پبلڪ  بھ ٿي ويو ھيو پر ان کان پوءِ ڊپٽي وزيراعظم  ھڪ گڏجاڻي ۾ غلطي ڪري ويٺو .اسحاق ڊار  چيني صدر جي ڳالھين کي پبلڪ ڪري ويھي رھيو جنھن جي نتيجي ۾ چيني سفير  کي ٻيھر تقرير ڪرڻي پئجي وئي ذريعن موجب صدر پاڪستان جو طئي ٿيل چين جو دورو ان جي ڪري ختم ڪرڻو پيو تھ پيغام آيو ھيو تھ اتي صدر کي ويلڪم نھ ڪيو ويندو.  ڳالھ ھاڻي اتي ناھي بيٺي پر اڳتي وڌي وئي آھي ھاڻي چين پرڏيهي وزارت کي خط لکيو آھي تھ  اگر توھان کان اسان جي شھرين جي حفاظت نھ ٿي ٿئي تھ اسان پنھنجي ماڻھن جي حفاظت لاءِ پنھنجي فورسز کي وٺي ٿا اچون. اهو خط روئٽرز نيوز ايجنسي کي ملڻ چين لاءِ پريشاني واري صورتحال آھي ڏسڻو پوندو تھ پاڪستان جي سسٽم اندر ويھي ڪير پاڪستان خلاف ڪم ڪري رھيو آھي؟ٻئي پاسي روئٽرز موجب پاڪستاني ڳجهين ايجنسين چيني فورسز جي پاڪستان ۾ مقرري جي مخالفت ڪئي آهي،آءِ ايس پي آر ۽ گهرو وزارت سان رابطي باوجود ان سوال جو جواب نه ڏنو ويو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 14 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.