چينين جي حفاظت جي خاطري، دهشت گردي کي پاڙان پٽيو ويندو: وزيراعظم

باڪو(ع آ نيوز) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب 2022 ۾  ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي ڪري پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن وقت تي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو. آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪوپ 25 سمٽ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ اسڪولن، گهرن ۽ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو. ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ لکين ايڪڙ  زرعي زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳيان اچڻو پوندو. هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته پاڪستان جيان ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين. پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نٿا چاهيون ته اسان نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. دنيا کي پاڪستان جهڙن ترقي يافته ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. پاڪستان متبادل توانائي جي ذريعن مان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. شهباز شريف چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان وقت تي قدم نه کنيا ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندا. وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ملڪن کي 2030 تائين 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. واعدن ۽ يقين ڏيارڻ جي باوجود وڏي پيماني تي فرق وڌندو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ زو ژانگ کي يقين ڏياريو آهي ته حڪومت چيني شهرين جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ COP29 ڪلائميٽ ايڪشن اجلاس جي موقعي تي چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ زو ژانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ زو ژانگ کي يقين ڏياريو آهي ته حڪومت چيني شهرين جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ COP29 ڪلائميٽ ايڪشن اجلاس جي موقعي تي چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ زو ژانگ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته حڪومت چيني شهرين جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي ڊنگ زو چيانگ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪ چين لاڳاپن جو دائرو وسيع ڪيو وڃي ته جيئن سيڪيورٽي چيلينجز کي گڏيل طور تي منهن ڏئي سگهجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان به ملاقات ڪئي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.