اسٽيبلشمينٽ طاقتور بڻجي وئي، جمهوريت پسند پارٽيون به استحصال ۾ ڀائيوار آهن:ساڃاهه وند

ڪراچي ( رپورٽر ) حسن ناصر يادگار ڪميٽي پاران ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، عوامي ورڪرز پارٽي، مزدور ڪسان پارٽي، نيشنل پارٽي جي سھڪار سان ڪالهه پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي حسينه  معين هال ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي شھيد حسن ناصر جي شهادت جي ياد ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عاليه امام چيو ته شھيد حسن ناصر دوست ۽ دشمن کي سڃاڻڻ، نظريه حيات جا ڪجھ اصول نظريي ۾ شامل ڪيا، انھن ۾ نظريي حيات روشني آھي ۽ آمريت اونداھي آھي، ان ڪري نظريه حيات جو مخالف ملڪ تي قابض آمريتي ٽولو آھي،ان کان سواءِ قومي استحال واري تسلسل تحت ظلم، ستم، وسيلن جي ڦرمار واري جدوجھد ۾ ثابت قدمي واري حسن ناصر جي نظريي تي ھلڻ جي سخت ضرورت آھي ۽ ملڪ مان آبِ حيات لاءِ آمريت جو خاتمو تمام گھڻو ضروري آھي. ھن چيو ته علم کان وانجھيل قوم ڪڏھن به ترقي نه ٿي ڪري سگھي، ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پنھنجي نسل کي تعليم يافته بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي چيئرمين امداد قاضي چيو ته جڏھن حسن ناصر،نذير عباسي، سورھيه بادشاھه ۽ ٻيا قومي ھيرا جدوجھد دوران شھيد ٿيا ھئا ته ان وقت ڪمزور آمريتي دور ھو. ھاڻي ان جي مقابلي ۾ اسٽبلشمينٽ ۽ جنرل تمام گھڻا طاقتور ٿي چڪا آھن،  ھن چيو ته ايم آرڊي سميت ٻين ڪيترن ئي جمھوريت جي بقا لاءِ پارٽي پاليسي کي پاسي تي رکي جدوجھد ڪئي، پر جڏھن ان جو ڦل مليو ته ان مان وڏيرا شاھي، آفيسر شاھي، آٽوڪريسي ذاتي فائدا حاصل ڪري جنرلن جا سھولتڪار بڻجي جمھوريت کي نقصان رسايو. ھن چيو ته ملڪ جي اسٽبلشمينٽ بگھڙ بڻجي ملڪ کي ڪرپشن جي ور چاڙھي عوام جو رت چوسي رھي آھي، جنھن ۾ ھتان جون جمھوريت پسند پارٽيون پڻ ڀاڱي ڀائيوار آھن. ھن چيو ته اسٽبلشمينٽ گولين کان سواءِ ٻي ڳالھ  سمجھڻ کان قاصر آھي، ان ڪري شھيد حسن ناصر جي نظريي تحت ملڪ مان آمريت جي ساٿاري جمھوري پارٽين خلاف سخت جدوجھد جي ضرورت آھي. ھن چيو ته ملڪ جو عوام ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تحت سنڌ جون زميون ڦٻائڻ واري سازش کي رد ڪري ٿو، ڪنھن به صورت ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻ نھ ڏبي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ اختر حسين ايڊووڪيٽ چيو ته شھيد حسن ناصر جي جدوجھد جو محور عوام جي حقن جو تحفظ ۽ ملڪ کي ترقي وٺرائڻ ھو، پر افسوس ته عوام جي حقن جو جيترو استحصال ھاڻي ٿي رھيو آھي، ۽ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آھي، اتي سموريون کاٻي ڌر جون توڙي ساڄي ڌر جون پارٽيون خاموش تماشائي بڻيل آھن، جيڪڏھن عوام کي ٻن ويلن جي ماني نصيب نه ٿيندي نه انقلاب جو نعرو بي مقصد بڻجي ويندو. نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر شاھينه رمضان چيو ته ملڪ جي پھرئين آمريتي ايوبي دور ۾ فرنگين جو سھولتڪار بڻيو، جنھن  جو نتيجو اھو نڪتو ته اڄ آمريڪا جي سھڪار سان آءِ ايم ايف جا قرضي بڻجي چڪا آھيون. عوامي حقوق جي اڳواڻ ڊاڪٽر توصيف چيو ته سمورين خرابين جي ذميوار اسٽبلشمينٽ آھي، جنھن شاگرد يونين تي پابندي مڙھي نوجوان نسل کان اڳواڻي وارو ڪردار کسي ورتو آھي. ھن چيوته آمريت وزيرستان، بلوچستان، سنڌ جي ماڻھن کي آزاد وطن ۾ غلام بڻائي ڇڏيو آھي. ھن چيو ته شھيد حسن  ناصر جي شروع ڪيل تحريڪ جي اڄ به سخت ضرورت آھي. تقريب ۾ 20 منٽن تي مشتمل شھيد حسن ناصر جي جدوجھد بابت ڊاڪيومينٽري پيش ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.