سنڌوءَ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي: اياز لطيف

حيدرآباد/ٽنڊو محمد خان ( نمائندن وٽان ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي چيو ته پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھه کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش برداشت نه ڪئي ويندي. پاڻي لاءِ جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھين ٿا وفاقي حڪومت ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن،  ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن، خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا.پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ حڪومت خاموش آھي ۽ پنجاب سان گڏجي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرائي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين. سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن جو منصوبو رد ڪريون ٿا. چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھه تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھه بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. ھوڏانھن ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو اجلاس ضلعي صدر رمضان رند جي صدارت ھيٺ ٿيو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو خصوصي شرڪت ڪئي.24 نومبر تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ٿيندڙ دريا بچايو سنڌ بچايو جلسي عام کي ڪامياب بنائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.