سنڌوءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي: رياض چانڊيو

ڪراچي (  پ ر ) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ جو ٻٽو معيار  آهي ته مرڪزي حڪومت جنهن ۾ ملڪ جو صدر صحيح ڪري ڪئنالن جي منظوري ڏني آهي پاڪستان جي حڪومت پئسا الاٽ ڪيا آهن چولستان ڪئنال لاءِ ۽ هن وقت پپيلز پارٽي سنڌ حڪومت ۽ اسيمبلي جو قراردادون عوام سان دوکو آهن تنهنڪري واضع موقف اختيار ڪري روڪرائن،  پنجاب جيڪو اضافي ۽ غير قانوني پاڻي کڻي ٿو اهو نه کڻي ، پنجاب ملڪ اندر پاڻي معاهدن جي توهين ڪري ٿو ملڪ اندر سنڌ جي زراعت معيشت خطري ۾ آهي 77 سالن ۾ پنجاب پاڻي جي ورڇ انصاف ڀري ڪرڻ نه ڏني آهي،  پ پ پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ  سنڌ تباهه پئي ڪري ۽ اسلام آباد ۾ ٻيا فيصلا پئي ڪري ۽ سنڌ حڪومت پيپلز پارٽي جي قيادت هتي سنڌ جي ماڻهن سان دوکو پئي ڪري ائين جيئن ٻٽي نظام ۾ سنڌ جي وجود خلاف فيصلو ڪيو ويو،  ائين ئي هاڻي ڪري پئي، سنڌ جا ماڻهون پنهنجي پرامن جدوجهد کي جاري رکن،ڪئنال تباهي جو نالو آهن ترقي جو نالو نه آهن تنهنڪري انهن جو خاتمو سنڌ جي وجود جي بحالي آهي، ان خلاف سنڌ جا حڪمران ڳالهائن نٿا سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.