ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ مطالبو ڪري ٿي ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ مقرر ڪيل پاڻي ڏنو وڃي، پ پ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، صوبي جي پاڻي لاءِ جان به ڏئي ڇڏينداسين. هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. هن چيو ته پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي 1994ع کان ۾ شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ کي چيو ويو هو ته صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي درست ورهاست لاءِ ماهر مقرر ڪيا ويندا ۽ هو فيصلو ڪندا ته ڪيترو پاڻي ڏنو وڃي پر اڃا تائين اسان جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي .هن چيو ته جڏهن چشما جهلم لنڪ ڪينال کوليو ويو، ان وقت نواز شريف پنجاب جي گورنر جو صلاحڪار هو.هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ٻه وڌيڪ ڪينال ٺاهيا ويا ته سنڌ لاءِ پاڻي نه هوندو، جڏهن درياهه ۾ پاڻي نه هوندو ته واهه ڪيئن ٺهندا.نثار کهڙي چيو ته مان واضع طور تي اعلان ڪريان ٿو ته هي منصوبو اسان کي منظور ناهي، سنڌ پاڻي لاءِ پنهنجي جان ڏيندي ۽ سنڌو درياهه مان ڪينال کوٽڻ جي اڏاوت واري منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا هڪ طرفي فيصلن تحت نه ٿيڻ گهرجن ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ضرورت آهي