سون جي اگهه ۾ ٻئي ڏينهن به وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ ٻئي ڏينهن به واڌ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1400 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 71 هزار 900 رپيا آهي.
10 گرام سون 1200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 33 هزار 111 رپين جو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 14 ڊالر واڌ سان 2 هزار 607 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.