برسبين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽي ٽوئنٽي سيريز سڀاڻي کان شروع ٿي رهي آهي پر ان کان اڳ شوقينن لاءِ بري خبر سامهون آئي آهي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي برسبين ۾ کيڏي ويندي پر اها ميچ برسات سان متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي شيڊيول آهي پر برسبين جي موسميات کاتي سڀاڻي هڪ وڳي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن برسات ٿي سگهي ٿي.
You might also like