پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان سموگ جي معاملي تي ڀارت کي خط لکڻ جي اشاري تي ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير ردعمل ڏئي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڀارتي پنجاب جو وڏو وزير ڀگونت مان چئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ چئي ٿي ته مان خط لکنديس ته دونهون لاهور ايندو آهي.
ڀگونت مان وڌيڪ چيو ته هوڏانهن دهلي وارا چون ٿا توهان جو دونهون دهلي ايندو آهي، ته ڇا اسان جو دونهون چڪر ڪاٽيندو رهندو آهي؟
واضح رهي ته ڀارتي پنجاب ۽ هريانه ۾ چانورن جي فصل جي ڪٽائي کانپوءِ آبادگار فصلن جي باقيات کي باهه ڏئي ڇڏيندا آهن، جنهن سان اٿندڙ دونهون ڀرپاسي جي علائقن ۾ گدلاڻ جو سبب بڻجندو آهي.
ان معاملي تي مريم نواز ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير کي خط لکڻ جو اشارو ڏنو هو.
You might also like