سلمان خان کي موتمار ڌمڪي ڏيندڙ نوجوان گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان کي موتمار ڌمڪي ڏيندڙ ۽ 5 ڪروڙ ڀنگ گهرندڙ سانگ رائٽير کي گرفتار ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس سلمان خان کي ڌمڪي جوڳا خط موڪلڻ جي الزام ۾ هڪ 24 سالن جي نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جو نالو سهيل پاشا آهي ۽ هو اداڪار جي ايندڙ فلم لاءِ گانا لکي رهيو هو.
پوليس موجب جوبدار بشنوئي گينگ جو نالو استعمال ڪندي پنهنجي گانن جي مشهوري لاءِ اداڪار کي ڌمڪي وارا خط موڪليندو هو.
ياد رهي ته گذريل 2 مهينن اندر سلمان خان کي 4 ڌمڪين وارا خط ملي چُڪا آهن، جڏهن ته ان کان پهرين اداڪار کي ڌمڪي ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.