سنڌ جي ڊيلٽا واري مسئلي تي هاڻ ته ٻاهرين دنيا کي به ڳڻتي ٿي پئي آهي جنهن لاءِ آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر انڊس ڊيلٽا جي تحفظ ۽ بحالي کي اهم قرار ڏيئي ڇڏيو آهي۔سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان ملاقات دوران آسٽريليوي ڪمشنر چيو ته انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي پهچائي سنڌ جي زمينن کي سمنڊ کان بچائڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن سان سنڌ جي زراعت تمر جي ٻيلن ماهيگيري کي وڏو فائدو ملي سگهي ٿو ۽ سنڌ ۾ خوشحالي جو هڪ نئون باب کلندو۔
ان کان اڳ پنجاب يعني ارسا سنڌ حڪومت تي زور بلڪه پابند بڻايو هو ته ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏيو وڃي۔ جنهن بعد سنڌ سخت احتجاج ڪيو هو۔سنڌ جي ڊيلٽا کي سڪائڻ واري سازش ڪا نئين ناهي جڏهن کان ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ۽ بئراج جي مٿاهين طرف سنڌ جون زمينون پنجاب جي چوڌرين ۽ سگهارين ڌرين کي انعام ۾ مليون تڏهن کان ڊيلٽا جو پاڻي ڪوٽڙي بئراج جي مختلف ڪئنالن ۽ علائقن ڏانهن ڇوڙ ڪرايو ويو ته جيئن اهي بنجر زمينون آباد ٿين۔پنجاب واسين جون سانگهڙ ٿرپارڪر نوابشاهه ۽ بدين ۾ ڪالونيون اڏيون ويون چڪ قائم ٿيا جن ڊيلٽا جو پاڻي پئي استعمال ڪيو ۽ جڏهن وري پنجاب مختلف ڊيم ٺاهيا درياهه سنڌ مان ڪئنال ڪڍيا ويتر ڊيلٽا خشڪ ٿيندو ويو نتيجو اهو نڪتو جو درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نه پهچڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي ڊيلٽا طرف وڌڻ لڳو جنهن ڪچي پڪي جون زرخيز زمينون تباهه ٿيڻ لڳيون۔نه صرف اهو پر تمر جا ٻيلا جهنگلي جيوت زراعت ۽ ماهيگيري کي وڏو نقصان پهتو پلو جيڪو ڄامشورو ۽ سکر وٽ به مرندو هو انجو وجود ختم ٿي ويو علائقي ۾ بک بيروزگاري ڪر کنيو زرعي پئداوار کي به هاڃيڪار ڌڪ لڳو ۽ وڌيڪ ڌڪ لڳڻ جا امڪان آهن جو پنجاب نوان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ جا سانباها پيو ڪري۔خدا نه ڪري جيڪڏهن ڇهه ئي ڪئنال ٺهن ٿا ته درياهه جو پاڻي سکر کان هيٺ به مشڪل سان پهچي ۽ ڊيلٽا جي حد ڄامشورو کان به ڪراس ڪري سنڌ سڪائيندو سکر تائين وڃي پهچي جنهن سان سنڌ جي ٽي حصا علائقو بنجر ٿي وڃي۔هونئن به اهي قياس آرائيون هلن پيون ته سنڌ جي ماڻهن کان بهتر نموني سياسي ۽ معاشي انتقام وٺڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي ڦٻائڻ آهي جيڪو ڪافي حد تائين ڦٻائجي به چڪو آهي۔
سنڌ ۾ هن وقت پ پ پ جي حڪومت آهي ۽ ايوان صدر ۾ به پ پ پ جو جيالو ويٺو آهي جيڪو ن ليگ جو اتحادي آهي ۽ هي سڀ ڪجهه هنن جي موجودگي ۾ ٿي رهيو آهي پر پنجاب ۽ ارسا کي جهلي نٿا سگهن ته سنڌ جي پاڻي سان هٿ چراند نه ڪريو ۽ پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو۔ارسا هن وقت سخت هوڏ جو مظاهرو پئي ڪري ايئن ٿو لڳي ته ارسا سنڌ کي بنجر بنائڻ جو وچن ڪري ڇڏيو آهي۔خبر ناهي ارسا ۾ ويٺل سنڌ جو نمائندو آخر ايترو ڪمزور ۽ بيوس ڇو ويٺل آهي جو ارسا کي هر راند ڦٻيو ٿي وڃي۔حقيقت ۾ سنڌ جي پاڻي تي صرف سنڌ جو حق آهي۔پ پ پ جي مسلسل خاموشي جو اهو نتيجو نڪتو آهي جو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سان سنڌ جون زمينون ۽ ٻيٽن تي قبضا ٿي رهيا آهن اسيمبلين ۽ سينيٽ “ ڳالهائڻ وارو ڪير به ناهي نه وري ڪو احتجاج ٿو ڪري۔هاڻ ته انساني حق به غضب ٿي چڪا آهن جنهن جو ماضي ۾ ڪو به مثال نٿو ملي۔ڪو زمانو هو جو پنجاب کان سنڌ تائين پاڻي وارا جهاز درياه سنڌ مان گذرندا هئا وڻج واپار هلندو هو هاڻ ته ٻيڙيون به مشڪل سان هلن ٿيون هڪ قسم جي تباهي آهي۔ڪچي ۾ درياهه جي پاڻي بدران ٽيوب ويلن تي پوکي راهي هلي ٿي ۽ مارو گذران ڪن ٿا۔سنڌ جون ڍنڍون ڍورا سڪي تباهه ٿي چڪا آهن جن تي مهاڻا مارو پيٽ گذر ڪندا هئا۔وڏو سانحو اهو آهي ته درياه ۾ پاڻي نه هجڻ ۽ گهٽ هجڻ ڪري انڌي ٻلهڻ جو نسل به ختم ٿي چڪو آهي۔
سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هونئن ته ٻين ملڪن جا سفير ۽ هاءِ ڪمشنر مقيم آهن جيڪي سنڌ جي هر مسئلي جي خبر رکن ٿا پر آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جنهن انداز ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان ڊيلٽا وارو اهم ۽ قومي مسئلو ڇيڙيو آهي معمولي نوعيت جو ناهي نه وري نظرانداز ڪرڻ جهڙو آهي نه وري هن ملڪ جي اندروني مسئلن کي ڇيڙيو آهي بلڪه هن اهڙي مسئلي جي نشاندهي ڪري سنڌ ۽ سنڌي قيادت جي ڄڻ اک کولي وڌي آهي جنهن تي جيڪڏهن اسان توجهه نٿا ڏيون ۽ وفاق آڏو مسئلو نٿا کڻون ته اها هڪ وڏي زيادتي ۽ سنڌ سان ڪيل وچن جي خلاف ورزي ٿيندي۔ڊيلٽا ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي لاڙ پٽي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن وڏي معاشي تبديلي آندي آهي ۽ تباهي ٿي آهي جنهن کي روڪڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها وفاق آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي جنهن لاءِ سنڌ اسيمبلي ٺهراء منظور ڪري۔وفاق جي نمائندي جي حيثيت سان ويٺل صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري جي به سياسي ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته اهو به هن قومي مسئلي کي کڻي جيڪڏهن سندس نٿي ٻڌي وڃي ته پاڻ کي بيوس ۽ ڪمزور صدر بنائڻ بنا ايوان صدر مان نڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ واپس اچي ڪا نئين حڪمت عملي ٺاهي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙي۔پ پ پ چيئرمن جناب بلاول ڀٽو زرداري به آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي قومي مسئلي تي ڏنل بيان جي واهر ڪري ڊيلٽا بچائي۔