ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي، اسان جي فورسز هن وقت گري ايريا ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ سرفراز بگٽي چيو ته وڌندڙ دهشتگردي جون ذميوار بي ايل اي ۽ ٻيون تنظيمون آهن، ڪجهه مهينن دوران ڪالعدم بي ايل اي فوج کي نشانو بڻايو.
هن چيو ته ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي ۾ فورسز جا اهلڪار ۽ عام شهري شهيد ٿيا، هاڻ انهن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، آپگهاتي حملي آورن جي سهولتڪارن ۽ هينڊلرز کي گرفتار ڪيو ويندو.
You might also like