گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس درياهه ۾ ڪِرڻ سبب 18 ڄڻا فوت

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي علائقي استور کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس درياهه ۾ ڪرڻ سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا.
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب استور کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس ٿليچي پل ڀرسان درياهه ۾ ڪري، بس ۾ 23 مسافر سوار هئا، جيڪي استور کان چڪوال وڃي رهيا هئا.
هن ٻڌايو ته درياهه مان 18 ڄڻن جا لاش ۽ هڪ زخمي کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.