نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافيءَ جي ميزباني جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا نئون شوشو ڇڏي ڏنو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان طرفان هائبرڊ ماڊل کان انڪار تي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ڏکڻ آفريڪا منتقل ڪئي ويندي.
آءِ سي سي ذريعن موجب، تڪرار جي صورت ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت فيصلو بورڊ اجلاس ۾ ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪستان مان منتقلي لاءِ بورڊ اجلاس دوران ووٽنگ ضرور ٿيندي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي جمعي ڏينهن موڪليل اي ميل تي پي سي بي جي جواب جو منتظر آهي، پي سي بي جي جواب کانپوءِ آءِ سي سي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪندي.
You might also like