اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئيني بئنچ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ڪيسن ۽ بئنچن جي جوڙجڪ جي معاملي تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ججز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اهو اجلاس جسٽس جمال مندوخيل جي چين مان واپسي کانپوءِ گهرايو ويو آهي.
ذريعن موجب جسٽس محمد علي مظفر ٽيليفون تي ڪميٽي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ميٽنگ ۾ اڳ ۾ ايندڙ درخواستن جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني بئنچ جي ججز ڪميٽي جي ميٽنگ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، جنهن ۾ آئيني بئنچ سان ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچنز 14 نومبر کان ٻڌڻي جي شروعات ڪنديون ۽ هر درخواست کي ان جي واري تي لڳايو ويندو.
You might also like