لاهور (معظم فخر) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي خلاف اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي سينٽرل جيل اڊيالا جيل ۾ ڪئي. ان موقعي تي عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته بشريٰ بي بي به ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل آئي. وڪيل فيصل چوڌري عدالت کي آگاهه ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته پهريان بريت جي درخواست تي فيصلو ڪيو وڃي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ان حوالي سان اڃا ڪو حڪم نامو ناهي مليو. نيب پراسيڪيوٽر استدعا ڪئي ته جوابدار عدالت ۾ موجود آهن، سندن 342 جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن، جنهن تي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 79 سوالن تي ٻڌل سوالنامو آهي ان لاءِ وقت گهربل آهي، 342 جي بيان لاءِ 14 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي. تنهن کانپوءِ عدالت ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان حوالي سان خبر ملي آهي ته عمران خان کي آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري کان اڳ ئي سزا ڏني ويندي،هن خلاف پڪا ثبوت موجود آهن،ان ڪيس ۾ عمران ۽ بشريٰ بي بي کي 14 سالن جي سزا ٿي سگهي ٿي،نومبر جي آخر تائين اهو عمل مڪمل ٿي ويندو، سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي اهي،وي پي اين بند ڪئي وئي آهي،پنجاب ۾ آنسو گئس جا شيل گهرايا ويا آهن.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو