کيل ختم، ڀڄي جان ڇڏايو

تحرير: رفيق پٽيل

آثار ٻڌائين پيا تھ عمران خان جي آزادي ويجھو آھي.شايد حڪمران جماعت جي ڪجهھ اھم ماڻھن کي اطلاع ملي ويو آھي يا ڏنو ويو آھي ان ڪري اھي چون ٿا تھ پي ٽي آءِ، جي باني ڊيل ڪري ورتي آھي.ان اڳڀرائي کي ڏسندي  مسلم ليگ ن جا ڪافي اڳواڻ ڇڏي ھليا ويندا، ان بعد اھي وري ھڪ ٻيو بيان ڏين ٿا تھ عمران خان کي فوج جي سپرد ڪيو ويندو.اقتدار جي امڪاني پڄاڻي بعد جڙندڙ صورتحال جي خوف ۾ ورتل اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جا جيڪي بھ اڳواڻ ملڪ کان ٻاھر پنھنجي محفوظ پناھ گاھن جي ڳولا ۾ رڌل آھن، اھي اندران ان ڪري بھ خوف ۾ ورتل آھن جو اھي عوامي حمايت کان محرومي باوجود عھدن کي چھٽيل آھن.عوامي حمايت کان محرومي جو مثال فيبروري جي چونڊن ۾ سامھون اچي چڪو ھو.انھن اڳواڻن کي اھو بھ اندازو آھي تھ عھدن تي قبضي جي ان عمل سان ماڻھن ۾ ڪاوڙ ڀريل آھي.انھن کي اھو بھ علم آھي تھ ماڻھن کي مالي پريشانين مان ڇوٽڪارو نھ مليو آھي. بلڪھ انھن ۾ اضافو ٿيو آھي.ھنن جي اقتدار ۾ اچڻ بعد ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي،بيروزگاري،ڪاروبار ۽ صنعتي سرگرميون سست ٿي ويون آھن.موٽرسائيڪل،روڪ رقم۽ گاڏين جي ڦرڻ جون وارداتون وڌي ويون آھن،جنھن ڪري ماڻھو  مشڪلات جو شڪار آھن.

آمريڪي چونڊن دوران ۽ انھن کان اڳ ڪجهھ اڳواڻن چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف مھم ھلائي ھئي ۽ ھنن اھو تصور ڪري ورتو ھو تھ ٽرمپ کي ڪاميابي نھ ملندي، ھاڻي اھي نتيجن کان پريشان آھن،شايد انھن جي سڀ کانوڏي پريشاني اھا ھوندي تھ احتسابي عمل جي صورت ۾ انھن کي حساب ڏيڻو پوندو تھ ھنن وٽ اڳ ۾ ڪيتري دولت ھئي ۽ ھاڻي ڪيتري آھي،اھي ان خدشي جو بھ شڪار آھن تھ ڪٿي گھڻي دٻاءَ جي ڪري بنگلاديش جھڙيون حالتون نھ پئدا ٿي پون، ھنن ليکي ھي راند پڄاڻي تي پھچي چڪي آھي ۽ ڀڄي جان بچائڻ سواءِ ڪو رستو نھ بچيو آھي،اھي ان ڳالھھ کي نظر انداز ڪن ٿا تھ آخر اھا صورتحال اتي ڇو پھتي آھي؟ ان جو بنيادي سبب اپريل 2022 ۾ عمران خان جي اقتدار جي خاتمي ۽ بي اعتمادي واري رٿ جي ڪاميابي بعد کان فرار ھو،ان وقت جي چونڊن ۾ عمران خان جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گھٽ ھئا پر جي ائين ٿئي بھ ھا تھ ھو انتھائي ڪمزور پوزيشن ۾ ھجي ھا.پر مسلم ليگ ن،پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ ف چونڊن کان فرار جو رستو اختيار ڪيو ۽ سياسي عمل کان پاسو ڪندي انتظاميھ جي مدد سان پي ٽي آءِ، کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ميڊيا پابندي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي،تحريڪ انصاف کان چونڊ نشان ڦري ان تي اڻ اعلانيل پابندي وڌي وئي،جنھن جا عوام تي منفي اثر پيا ۽ ماڻھن جي پي ٽي آءِ، سان ھمدردي وڌندي وئي،سمورا رياستي وسيلا پاڪستان تحريڪ انصاف کي چٿڻ جي لاءِ ڪتب آندا ويا،جنھن جو ابتو نتيجو نڪتو،رياست ڪمزور ۽ پي ٽي آءِ مضبوط ٿي وئي.عدالتون شديد دٻاءَ  جو شڪار ٿي ويون، آئين جي لتاڙ جو ختم نھ ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي ويو،ھاڻي عدليھ کي انتظاميھ جي تابع ڪرڻ جا الزام دنيا جي معتبر ادارن پاران لڳايا پيا وڃن.

پاڪستان تحريڪ انصاف کي سڀني کان وڏو فائدو اھو ٿي رھيو آھي تھ 12 سالن کان 40 سالن جي ڄمار جي ماڻھن جي اڪثريت جي ان جماعت کي حمايت حاصل ٿي رھي آھي.ھر سال ارڙھن سالن جي عمر کي پھچندڙن جو تعداد 15 ھزار آھي.جن مان اھي خاموشي سان 20 سيڪڙو ماڻھن کي پنھنجو ڪارڪن بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي رھيا آھن.باقي  80 سيڪڙو مان 50 سيڪڙو اڳي ئي پي ٽي آءِ جا خاموش حامي آھن.جيڪي رڳوووٽ ڏين ٿا،ان جو عملي مظاھرو فيبروري جي چونڊن ۾نظر آيو.ماھوار  90 ھزار ڪارڪنن جي ڀرتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حيرت ۾ وجھندڙ ڪاميابي آھي.ھاڻي بھ پي ٽي آءِ، 12 کان 17 سالن جي نوجوانن کي نظرانداز نھ ڪري رھي آھي.جتي جتي انھن کي موقعو ملي ٿو، اتي خاموشي سان انھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي،اھڙي صلاحيت ڪنھن بھ سياسي پارٽي وٽ نھ آھي.مسلم ليگ ن،پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم عوام کي نظر انداز ڪري پنھنجو تعلق سگھارين قوتن سان جوڙي ڇڏيو آھي،جنھن سان انھن جماعتن پنھنجي طاقت گھٽ ڪري سياسي قوتن جي حوالي ڪر ڇڏي آھي.اھڙي ريت الڪشن ڪميشن مڪمل طور تي جانبدار ٿي وئي آھي.پارليامنيٽ تي پردي پٺيان ويٺل قوتون حاوي ٿي ويون،عدليھ بھ ان اثر کان ٻاھر نھ رھي سگھي،ميڊيا بھ آزاد ۽ غيرجانبدار نھ رھي سگھيو،عوام جي ڪا حيثيت نھ رھي.اڄ جي دنيا ۾ ترقي جو بنياد عوام جي خوشحالي ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ آھي،ملڪ جو دفاع بھ ان وقت مضبوط ٿئي ٿو جڏھن عوام حق حاصل ھجن ۽ ادران تي انھن جو اعتماد ھوندو آھي.

پاڪستان آئين موجب خدا تعاليٰ بعد سمورا اختيار عوام وٽ ھوندا آھن،جن کي ھڪ حد تائين ان جا چونڊيل نمائندا ئي استعمال ڪري سگھن ٿا.پر جڏھن چونڊ نتيجا تبديل ٿي وڃن تھ ان صورت ۾ آئين جي بنيادي روح جو انت اچي ٿو وڃي،دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ترقي جو بنياد غيرجابندار،انصاف ڀريون ۽ شفاف چونڊون آھن.جڏھن تھ ٻين گھرجن ۾ آزاد عدليھ،آزاد ميڊيا ۽ امن و امان آھي،جنھن جي لاءِ باصلاحيت ماڻھن تي ٻڌل غيرجانبدار،بدعنواني کان پاڪ ادارن ۽ عوامي حمايت تي ٻڌل مقننھ لازمي آھي،پر ملڪ جي مقتدر اشرافيا انھن حقيقتن کي پاسيرو رکي ڪري پنھنجي مفادن جي حصول جي لاءِ اھڙي تباھي مچائي ڇڏي آھي جو سڀ ڪجھ ھڪ ملبي جو ڍڳ بڻجي ويو آھي.ھاڻي مقتدرا اشرافيا جي ڪجھه ماڻھن کي ان ڳالھھ جو فڪر لڳو آھي تھ اقتدار ھٿ مان نڪرڻ جي صورت ۾ ان عمل ۾ ھنن جو ھٿ نھ ھجي، ان ڪري اھي ھٿ پير ھڻي رھيا آھن.ان ڳالھھ جي ضمانت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن تھ انھن جي دولت ۽ اھي پاڻ محفوظ رھن.

ھڪ امڪان اھو بھ آھي تھ عمران خان کي بھ ان ڳالھھ تي آمادھ ڪيو پيو وڃي تھ ھو آزادي ملڻ جي صورت ۾ ڪجھھ وقت پنھنجي سرگرمين کي محدود رکي ۽ ڪنھن امڪاني وچ واري انتظام کي قبول ڪري وٺي ۽ ماڻھن کي بي قابو ٿيڻ نھ ڏئي.اھڙين اڻ تصديق ٿيل اطلاعن جي پيش نظر ڪجھھ سياسي اٿل پٿل کي سمجھڻ وارن کي اھو خطرو نظر اچي رھيو آھي تھ انھن جو قصو پورو ٿي سگھي ٿو.ھو سمجھن ٿا تھ سند کيل ختم ٿيڻ وارو آھي، ان ھوندي بھ انھن جو خيال آھي تھ اھي ڪجھھ دٻاءِ سھي ويندا ۽اھو نظام اھڙي ريت ئي ھلندو رھندو.اھي برطانوي ۽ آمريڪي پارليامينٽ جي رڪنن ۽ گڏيل قومن جي بيانن کي نطرانداز ڪندا رھيا آھن ۽ ان جي نفي جا جوابي بيان جاري ڪندا رھيا آھن.انھن جوابن جو اثر ڪھڙو ٿي سگھي ٿو ان تي تبصرو ڪرڻ مناسب نھ آھي.

ھاڻوڪي حڪومت جيڪڏھن برقرار رھي بھ وڃي ٿي تڏھن بھ ملڪي ادارن جي سڌاري بنا اڳتي نھ ٿو وڌي سگھجي.موجودھ حڪومت ان جي معمولي صلاحيت بھ نھ ٿي رکي، نھ اھا عدليھ کي آزاد ڪري سگھي ٿي، نھ بدعنواني ختم ڪري سگھي ٿي،نھ ميڊيا تان پابندي ختم ڪري سگھي ٿي۽ نھ ئي وري اھڙي  مقننھ جي لاءِ رستو صاف ڪري سگھي ٿي جنھن کي حقيقي معنيٰ ۾ عوامي حمايت حاصل ھجي،نھ وري ان وٽ مھانگائي جي خاتمي،امن امان برقرار رکڻ،بھتر صحت سھولتن جي فراھمي،عوامي کي خوشحال بنائڻ ۽ بااختيار بڻائڻ جو ڪو ٺوس منصوبو آھي،ڇاڪاڻ جو ان صورت ۾اقتدار ھنن جي ھٿن مان نڪري ويندو.جيڪڏھن اھا ٻڏندڙ ٻيڙي جي سواري نھ آھي تھ ٻيو ڇا آھي ؟

آثار ٻڌائين پيا تھ عمران خان جي آزادي ويجھو آھي.شايد حڪمران جماعت جي ڪجهھ اھم ماڻھن کي اطلاع ملي ويو آھي يا ڏنو ويو آھي ان ڪري اھي چون ٿا تھ پي ٽي آءِ، جي باني ڊيل ڪري ورتي آھي.ان اڳڀرائي کي ڏسندي  مسلم ليگ ن جا ڪافي اڳواڻ ڇڏي ھليا ويندا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.