ممبئي(ويب ڊسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا جي اڳوڻي گهرواري ۽ ماڊل نتاشا اسٽينڪووچ سدائين لاءِ ڀارت ڇڏڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون.
ويجهڙ ۾هڪ انٽرويوءَ دوران نتاشا ڀارتي ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته هوءَ ۽ هاردڪ پانڊيا هاڻي به هڪ فيملي جيان ئي آهن.
نتاشا چيو ته مان ڀارت ڪيئن ڇڏي سگهان ٿي ۽ ڇو ڇڏينديس؟ اسان جو پٽ آگستيا ممبئيءَ جي اسڪول ۾ پڙهي ٿو ۽ اسان ٻئي پنهنجي پٽ جي ڪري هاڻ به هڪ فيملي آهيون.
سربيا جي تازي دوري بابت نتاشا ٻڌايو ته اتي منهنجو گهر آهي، هر سال پنهنجي ملڪ ويندي آهيان، پر ان جو اِهو مطلب قطعي ناهي ته مون ڀارت ڇڏي ڏنو.
واضح رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ هاردڪ پانڊيا ۽ نتاشا اسٽينڪووچ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي پنهنجي عليحدگي جي تصديق ڪئي هئي.
You might also like