ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ آڪٽوبر جي مهيني دوران گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽيڪس وصولين ۾ 22 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، صوبي جي ٽيڪس ڪليڪشن ادارن جون شاندار ڪاميابيون جاري آهن، هلندڙ سال آڪٽوبر مهيني ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو اضافي ٽيڪس اوڳاڙي وئي.
گذريل سال آڪٽوبر دوران 17413 ملين رپيا ٽيڪس ڪليڪشن ڪئي وئي هئي جڏهن ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ 21159 ملين رپيا ٽيڪس ڪليڪشن ڪئي وئي آهي.
مجموعي طور تي 25-2024ع ۾ 83863 ملين رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي وئي آهي جڏهن ته گذريل سال آڪٽوبر تائين 69728 ملين رپيا ٽيڪس ڪيلڪشن ڪئي وئي هئي.
هلندڙ سال مجموعي طور تي هنيئر تائين ٽيڪس اوڳاڙين ۾ ويهه سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير جي ترجمان چيو ته اِهو تاثر غلط آهي ته سنڌ ريونيو بورڊ ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
Next Post
You might also like