شاعرِ مشرق علامه اقبال جو 147 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو خواب ڏسندڙ شاعرِ مشرق ڊاڪٽر علامه اقبال جو 147هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
علامه محمد اقبال کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مزار تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي.
سامونڊي فوج جي دستي مزار تي اعزازي گارڊ جا فرض سنڀالي ورتا، جڏهن ته پاڪستان رينجرز پنجاب جو دستو مزار تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي واپس روانو ٿي ويو.
پاڪستان سامونڊي فوج جي ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ريئر ايڊمرل اظهر محمود گارڊز ۾ شامل پاڪستان رينجرز ۽ پاڪ سامونڊي فوج جي دستن جو معائنو ڪيو.
گارڊز جي مقرري کانپوءِ قومي شاعر جي مزار تي امير البحر ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ سامونڊي فوج جي آفيسرن، سيلرز ۽ نيوي سويلينز طرفان گلن جي چادر چاڙهي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.